ڪابل: افغانستان ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملو، سورنهن ڄڻا مارجي ويا

news

ڪابل: (اڱارو 11 آگسٽ 2020ع) افغانستان ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي سبب 16 ڄڻا مارجي ويا. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب حملو افغانستان جي صوبي ازبل جي ضلعي ميزان ۾ ڪيو ويو آهي پر افغان سيڪيورٽي فورس چيڪ پوسٽ تي حملي کي ناڪام بنائي ڇڏيو.

سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ 3 ڄڻا زخمي به ٿيا جن کي ويجهن اسپتالن ڏانهن  منتقل ڪيو ويو. گذريل مهيني افغانسان جي صوبي برات ۾ افغان فورسز جي هوائي بمباري سبب 20 ڄڻا مارجي ويا هئا. افغان ميڊيا موجب فوت ٿي ويلن ۾ عام شهرين جو وڏو انگ شامل هو. حملي ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت 8 عام شهري فوت ٿي ويا جڏهن ته بمباري جي نتيجي ۾ 25 ڄڻا زخمي به ٿيا هئا ان حوالي سان گورنر برات آفس جو چوڻ هو افغان هوائي فوج طالبان کي نشانو بنايو هو ۽ حملي ۾ طالبان جا ڪيترائي اڳواڻ مارجي ويا  هئا.

تازو افغان فورسز طرفان ڪيل حملي ۾ فوتگيون وڌڻ جا امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن. افغان پرڏيهي وزارت جو ان حوالي سان چوڻ هو ته هوائي بمباري جي نتيجي ۾ عام شهرين جي فوت ٿيڻ جي خبرن جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ ان حوالي سان جاچ عمل ۾ آڻڻ کان پوءِ نتيجن کان عوام کي آگاهه ڪيو ويندو.