نيوزيلينڊ ۾ ڏيڍ مهيني کان پوءِ ڪورونا ڪيسن جي تصديق

news

ويلنگٽن: (اڱارو 11 آگسٽ 2020ع) نيوزيلينڊ ۾ ڏيڍ مهيني کان پوءِ ڪورونا وائرس جو نئون ڪيس سامهون اچي ويو. نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن 8  جون تي ملڪ کي ڪورونا فري قرار ڏئي پابنديون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر ڪجهه ئي ڏينهن ۾ 16 جون تي 2 نوان ڪيس سامهون آيا هئا.

نيوزيلينڊ جي صحت واري وزارت موجب ڪورونا وائرس ۾ مبتلا شخص 30 جولاءِ تي ملبورن کان نيوزيلينڊ آيو هو جنهن  اڳ ۾ آئسوليشن اختيار ڪئي ان کان پوءِ جڏهن ڪورونا ٽيسٽ ڪرايو ته  سندس نتيجو نگيٽو آيو پر ڪجهه ڏينهن گذرڻ کان پوءِ جڏهن ٻيهر ٽيسٽ ڪئي وئي ته اها پازيٽو هئي.

رپورٽ موجب متاثر شخص کي آڪلينڊ ۾ علاج جي لاءِ منتقل ڪيو ويو آهي ڇو ته ان ۾  ڪورونا جون نشانيون ڏٺيون ويون آهن.