شهدادپور:برساتن سوائي روڊ ۾ مبينا ڪرپشن کي ظاهر ڪري ڇڏيو، روڊ ماڊل ٺاهڻ جو مطالبو

news

شھدادپور(رپورٽ:غلام عباس ساند)شھدادپور ۾ تيل ۽ گئس جي ضلعي ڊولپمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ۽ پيپلزپارٽي جي سينيٽر ملڪ امام دين شوقين طرفان عوام جي مطالبي تي پي پي ايل سوشل فنڊ لکين روپين جي لاڳت سان شھر جي سوائي روڊ جو تعميراتي ڪم شروع ٿيڻ سان ئي ٺيڪيدار جي مبينا ڪرپشن جي ور چڙھي شيڊيول جي ابتڙ مٽي ۽ ڪچرو کڻڻ بجاءِ مٽي ۽ ڪچري مٿان پٿر وڇائي ھڪ ڏينهن ۽ ھڪ رات ۾  روڊ کي تعمير ڪري ڇڏيو.

 ان سلسلي ۾ محمد يامين، زبير تحسين، رانا عبدالرحمان، رانا بلال ۽ سوائي روڊ جي ٻين رھواسين اڌ تتر ۽ اڌ بٽير جو نالو ڏئي سخت احتجاج ڪيو، شھر جو سوائي روڊ اڌ روڊ ڏامر جو ۽ اڌ روڊ پيور سي سي بلاڪ جو ھڪ ئي برسات ۾ مبينہ نااھلي ۽ ڪرپشن سبب ڪامورن ۽ ٺيڪيدار جي ايمانداري جا چرچا سامهون اچي ويا آھن. رھواسين سينٽر ملڪ امام دين شوقين جو ڌيان ڏياريندي مطالبو ڪيو ته شھدادپور ۾ تيل ۽ گئس جي سوشل فنڊ مان سوائي روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ 4 ڪروڙن جي روڊن جي تعميراتي اسڪيمن ۾ روڊ جي ليول ڊريسنگ شيڊول جي مطابق مٽيريل جي ڪوالٽي ۽ ڪئانٽٽي جو خيال رکندي روز روز روڊن ٺھڻ بجاءِ ذاتي طور دلچسپي وٺي روڊن جي تعمير شيڊيول موجب ڪرائي ماڊل روڊ ٺھرايا وڃن.