انگلينڊ خلاف ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست: ڪوچنگ اسٽاف کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي: رميز راجه

news

لاهور: (اڱارو 11 آگسٽ 2020ع) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان رميز راجه چيو آهي ته انگلينڊ جي خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ قومي ٽيم کي شڪست کان پوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي. 

هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ڪوچنگ اسٽاف جنهن ۾ مصباح الح  ۽ وقار يونس جهڙا ليجنڊ رانديگر شامل آهن انهن کي وڌيڪ فعال  ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته ڪپتان اظهر علي فارم ۾ ناهي. اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته مان اهڙين حالتن ۾ ڪوچنگ اسٽاف کان مان  فائدو کڻڻ چاهيان ٿو.

ڇو ته اهي سڀ  پنهنجي ڪيريئر دوران اهڙي طرح جي راندين مان گذري چڪا آهن. اوهان کي هڪ اهڙو ڪپتان ملي ويو آهي جيڪو زبردست فارم ۾ ۾ ناهي ته ڪوچنگ اسٽاف کي وڌيڪ فعال ٿيڻو پوندو. 

مشهور ڪمنيٽيٽر جو ان حوالي سان چوڻ هو ته انگلينڊ جي بٽلر ۽ ووڪس کي 40 رنسن جي ويجهو آسان سنگل ڏنا ويا. ڪنهن به اظهر علي يا ياسر شاهه کي ان جڳهه کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ناهي چيو. مان فيلڊنگ مان مايوس هئس.

هن وڌيڪ چيو ته بالرن بائونسر جي ڪوشش نه ڪئي حڪمت عملي تي ٻيهر نظرثاني جي ضرورت آهي. هن چيو ته کٽيل ميچ هارائڻ فڪر جوڳو عمل آهي.