خبردار: قاتل روبوٽ ۽ مصنوعي ذهانت انسانيت جو خاتمو ڪري سگهي ٿي: هيومن رائٽس واچ

news

نيويارڪ: (اڱارو 11 آگسٽ 2020ع)   هيومن رائٽس واچ  خبردار ڪيو آهي ته قاتل روبوٽس ۽ آءِ ٽيڪنالاجي  انسانيت جو خاتمو ڪري سگهي ٿي.

هيومن رائٽس واچ جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته طاقت جي استعمال جي حوالي سان انساني ڪنٽرول ختم ڪرڻ انسانيت جي لاءِ سنگين خطرو مڃيو پيو وڃي ۽ موسمياتي تبديلين جيان ان حوالي سان فوري طور تي قدم کڻڻ گهرجن. رپورٽ ۾ ماهرن جو چوڻ آهي ته سڄي دنيا جي ملڪن کي مڪمل خودڪار هٿيارن جي تياري تي پابندي لڳائڻي پوندي ته جيئن قاتل روبوٽس جي تخليق کي روڪي سگهجي.

هيومن رائٽس واچ جو ان حوالي سان چوڻ هو ته 30 ملڪن طرفان اهڙا عالمي معاهدا متعارف ڪرائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي وئي آهي جن جو مقصد طاقت جي استعمال ۾ انساني ڪنٽرول کي برقرار رکڻ آهي. رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته اها ٽيڪنالاجي جي استعمال ۾ انساني ڪنٽرول برقرار رکڻ جي لاءِعالمي  معاهدا متعارف ڪرائڻ جي خواهشمند ملڪن ۾ روس ۽ آمريڪا شامل آهن.

ياد رهي ته گذريل مهيني روس جي شهر پرم جي سرڪاري آفيس ۾ انسان نما روبوٽ کي عورت ڪلرڪ طور ڀرتي ڪيو ويو آهي جنهن جو ڪم جانچ پڙتال کان پوءِ ماڻهن کي سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ آهي.  هي روبوٽ ماڻهن کان سوال پڇندو آهي ۽ ان کي اسڪينر ۽ پرنٽر سان جوڙيو ويو آهي جڏهن ته هن کي حساس دستاويزن تائين پهچ به حاصل آهي. جيئن حقيقي طور تي هڪ سرڪاري ڪلرڪ کي حاصل هوندو آهي.