نوابشاهه جي علائقي ڄام صاحب روڊ جي رهواسي پيرسن جو بااثرن پاران جڳهه تي قبضي خلاف احتجاج

news

نوابشاهه (رپورٽ: فدا چانڊيو) نوابشاهه جي علائقي ڄام صاحب روڊ جي رهواسي پيرسن ظفر احمد نوابشاهه پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته منهنجي جڳهه تي بااثرن نبي بخش، رفيق ۽ شفيق وارن قبضو ڪري اتي ترقياتي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان منهنجي ڀتين ۽ ڇتين کي نقصان پهچي رهيو آهي ۽ اهي مون کي ڌمڪيون ڏين ٿا.

هن چيو ته مان پوليس اسٽيشن، سنڌ بلڊنگ اٿارٽي، ڊي سي آفيس، مختيار ڪار ۽ ٻين کي شڪايتون ڪيون آهن پر منهنجي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، پيرسن مطالبو ڪيو ته قبضو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.