ڪڙيوگهنور: بدين ضلعي جي مختلف شهرن مان پنجاهه کان وڌيڪ ٻارن سان جنسي ڏاڍائي ڪري ويڊيو رڪارڊ ڪرڻ جو انڪشاف، چار ڄڻا گرفتار

news

ڪڙيوگهنور (رپورٽ: عرفان بخاري) ڪڙيوگهنور شهر ۾ بدين ضلعي جي مختلف شهرن مان پنجاهه کان وڌيڪ ٻارن سان جنسي ڏاڍائي ڪري ويڊيو رڪارڊ ڪرڻ جو انڪشاف، نينگر جي فرياد تي پنج مک جوابدارن خلاف ڪيس داخل، چار جوابدار گرفتار، هڪ فرار، ايس ايس پي بدين معاملي جي وڌيڪ تفتيش لاءِ ٽيم جوڙي معاملي جي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

تفصيل موجب ڪڙيوگهنور شهر جي نينگر س کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائيندڙ ٽولي خلاف نندو ٿاڻي جي حد ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي آهي. نينگر پاران ميڊيا کي ٻڌايو ته سهيل ڪنڀار ۽ سندس ڀاءُ شعيب ڪنڀار سميت رمضان شيدي، جاويد کيبر ۽ شائق ميمڻ کيس نندو گهرائي تشدد بعد گن پوائنٽ تي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو ۽ مسلسل بليڪ ميل ڪيو پئي ويو. هن چيو ته مون سميت 50 کان مٿي نينگرن سان جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي آهي.

جڏهن ته ايس ايڇ او ڪڙيوگهنور پاران ٽي جوابدار فوري گرفتار ڪري ورتا ۽ نندو ٿاڻي جي ايس ايڇ او فضل کٽي پاران پڻ هڪ جوابدار گرفتار ڪري لاڪ اپ ۾ واڙي ڇڏيو آهي.

جڏهن ته ايس ايس پي بدين واقعي کي سنجيده وٺي ڊي ايس پي سي آءِ اي محمد گل عباس جي سربراهي ۾ انسپيڪٽر رحيم کوسو، ايس ايڇ او فضل الدين کٽي ۽ ايس ايڇ او ڪڙيوگهنور تي مشتمل انڪوائري ٽيم جوڙي کين جلد رپورٽ پيش ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.