شھدادپور ۾ عدالتي حڪم تي پوليس جو گھر تي ڇاپو، پنج ٻار بازياب

news

شھدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) عدالتي حڪم تي شھدادپور پوليس شھر جي ٻرھون روڊ تي ھڪ گھر تي ڇاپو ھڻي ويڳي ماءُ جي گھر مان 3 نينگرين ۽ 2 نينگرن کي بازياب ڪرائي ٿاڻي تي آندو.

شھدادپور پوليس جي ايس ايڇ او غلام شبير دلواڻي جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالن ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شھدادپور جي عدالت ۾ شمن ولد گلزار شيخ جي درخواست جي حڪمن تي شھر جي ٻرھون روڊ تي ويڳي ماءُ زرينا شيخ ۽ سندس ٻئي مڙس اسلام ٿھيم جي گھر تي ڇاپو ھڻي گھر مان 3 ڇوڪرين فوزيہ، سھڻي ۽ ارشاد خاتون شيخ ۽ 2 ڇوڪرن ناظم ۽ اعظم شيخ  کي بازياب ڪرائي ٿاڻي تي آندو، جن کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.