گمبٽ ۾ سرسبز پاڪستان مهم، موٽر وي پوليس ٻوٽا پوکيا، تقريب منعقد

news

گمبٽ (رپورٽ: تسليم عباسي ) آءِ جي موٽر وي سيد ڪليم امام، ايڊيشنل آءِ جي سائوٿ ريجن ڊاڪٽر آفتاب احمد پٺاڻ، ڊي آءِ جي موٽر وي سنڌ مطلوب حسين جي  هدايت کانپوءِ پوري ملڪ جيان سکر سيڪٽر ۾ به ايس ايس پي موٽر وي غلام سرور ڀيو جي نگرانيءَ هيٺ سر سبز پاڪستان وڻڪاري مهم تحت مختلف تقريبون منعقد  ڪيون ويون.

 ان ڏس ۾ سکر سيڪٽر ۾ گمبٽ، ڪرم آباد، پنوعاقل، ڏهرڪي  ۽ سکر ۾ موٽر وي پوليس جي آفيسرن  ۽ ملازمن سر سبز پاڪستان جي حوالي سان  وڻڪاري  مهم تحت ٻوٽا  پوکيا. 

موقعي تي ايس ايس پي موٽر وي غلام سرور ڀيو جو چوڻ هو ته  آءِ جي موٽر وي ڊاڪٽر سيد ڪليم امام، ايڊيشنل آءِ جي سائوٿ ريجن ڊاڪٽر آفتاب احمد پٺاڻ، ڊي آءِ جي موٽر وي  سنڌ مطلوب حسين جي  خاص هدايت تي سکر  سيڪٽر ۾ وڻڪاري مهم شروع ڪئي وئي آهي،  جنهن ۾ عام ماڻهن ۾  موٽر وي پوليس جي عزت ۽ وقار وڌيڪ بلند ٿيو آهي.

 ياد رهي ته موٽر وي پوليس سکر سيڪٽر هلندڙ هفتي نيشنل هاءِ وي سکر سيڪٽر ۾ 30 هزار ٻوٽا پوکڻ جو عزم ڪيو آهي، جنهن ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي موٽر وي پوليس جو ڀرپور ساٿ ڏئي رهي آهي، آءِ جي موٽر وي ڊاڪٽر سيد ڪليم امام جي هدايت تي وڻڪاري مهم حڪم تائين جاري رهندي، وڻڪاري مهم ۾ موٽر وي پوليس  ڀرپور حصو وٺي رهي آهي ته جيئن پاڪستان کي سر سبز ۽ شاداب بڻائي سگهجي.