ڪجهه ڏينهن پهرين پرڻيل ننڍي عمر جي ڪُنوار پاران سهري تي زيادتي ۽ بدپيشي جو الزام

news

بدين(رپورٽ:تنوير احمد آرائين) بدين ڀرسان ڳوٺ پهلوان ملاح جي رهواسڻ 13 سالن جي شمينه ڌي مرحوم عرس ملاح ايس ايس پي بدين آفيس پهچي درخواست ڏيڻ بعد صحافين اڳيان دانهيندي چيو 15 ڏينهن  پهرين منهنجي شادي جنرل بس اسٽاپ لڳ ملاح پاڙي ۾ احسان پٽ رزاق عرف اجنا ملاح جيڪو به منهنجو هم عمر آهي سان ٿي آهي پر شادي جي شروع کان وٺي سهرو اجنا ملاح مون تي بري نظر رکندو هو.

 هن الزام هنيو ته 9 آگسٽ تي رات جو مونکي گهر ۾ اڪيلو ڏسي منهنجي سهري مون کي پسٽل ڏيکاري زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ ٻي ڏينهن صبح جو سوير به مون ساڻ زيادتي ڪئي، هن اهو پڻ الزام هنيو ته 10 اگسٽ تي سهرو اجنه ملاح ٻه نامعلوم ماڻهو گهر ۾ وٺي آيو جن منهنجي سهري کي پئسا ڏيئي مون ساڻ زيادتي ڪئي.

 هن جو وڌيڪ چوڻ آهي سهرو مون کي فحاشي لاءِ مجبور ڪري رهيو آهي جڏهن ته سهري جي پنهنجي ڌيءَ سان به ناجائز تعلقات آهن جنهن سبب مون مڙس جو گهر ڇڏي پنهنجي ماءُ جي گهر ۾ پناهه ورتي جتي به سهرو منهن ماري ڪري خون ڪرڻ جون ڌميڪون ڏيئي رهيو آهي.

 هن مطالبو ڪيو ته سهري خلاف ڪيس داخل ڪري مون کي جان ۽ مال جو تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي طرف ناري جي درخواست بعد ايس ايس پي جي حڪم تي سندس ميڊيڪل چڪاس لاءِ انڊس اسپتال موڪليو ويو آهي.