نيب خواجه ڀائرن جي ضمانت خلاف نظرثاني واري درخواست داخل ڪري ڇڏي

news

اسلام آباد: (اربع 12 آگسٽ 2020ع) قومي احتساب بيورو(نيب) خواجه ڀائرن جي ضمانت بابت ڪيس ۾ نظرثاني جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

نيب پنهنجي درخواست ۾ سپريم ڪورٽ کان خواجه ڀائرن جي ضمانت ڏيڻ جو فيصلو واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته فيصلي جي پيراگراف نمبر 18 کان 48 ۽ 56 کان 70 تي نظر ثاني ڪئي وڃي.

سپريم ڪورٽ ان پيراگراف ۾ سنگين نوعيت جا ريمارڪس ۽ آبزرويشنز ڏنا هئا. نيب پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته فيصلي ۾ ڪجهه ريمارڪس ٽرائل ڪورٽ جي ڪارروائي کي متاثر ڪندا. ان ريمارڪس جي روشني ۾ ٽرائل ڪورٽ جي لاءِ فيصلو ڪرڻ مشڪل هوندو.

نيب جو چوڻ آهي ته فيصلي ۾  اکين ڏٺي شاهد قيصر امين بٽ جي خلاف سخت رمارڪس آهن. ريمارڪس سپريم ڪورٽ جي پنهنجي ئي هڪ فيصلي جي معيار تي پورا ناهن لهندا.

واضح رهي ته هلندڙ سال 17 مارچ تي سپريم ڪورٽ پيراگون هائوسنگ ڪيس ۾ خواجه سعيد رفيق ۽ ان جي ڀاءُ سلمان رفيق جي ضمانت منظور ڪئي هئي جنهن تي مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جو چوڻ هو ته خواجه ڀائرن جي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جو فيصلو نيب ۽ نام نهاد احتساب تي فرد جرم آهي.