دادلغاري: بدامني خلاف ايس ٽي پي جي سڏ تي احتجاجي ريلي، ايس ايڇ او کي هٽائڻ جو مطالبو

news

دادلغاري( رپورٽ: اياز احمد پتافي) دادلغاري شھر ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن م بدامني وڌي وڃڻ تي ايس ٽي پي دادلغاري جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي جماعتن ء شھرين پاران دادلغاري پوليس خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو.

 ريلي ۾ شھرين ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ريلي شھر جو گشت ڪندي پريس ڪلب پھتي، ريلي ۾ امن بحال ڪرايو دادلغاري بچايو جا نعرا پڻ ھنيا ويا.

 ان موقعي تي ريلي کي ايس ٽي پي اڳواڻن محمود گبول، اياز پتافي ۽ شاھنواز پتافي خطاب ڪندي چيو تہ ايس ايڇ او جي اچڻ سان ئي چورين جي وارداتن ۾ اضافو اچي ويو آھي جنھن سبب شھرين توڙي عام ماڻھن جون ننڊون پڻ حرام ٿي ويون آھن. 

ھنن جو چوڻ ھو تہ دادلغاري ٿاڻي جي حد ۾ سرعام منشيات جوا جا اڏا به ھلن پيا پر پوليس انھن خلاف ڪا بہ ڪاروائي نہ ٿي ڪري جنھن سبب نوجوان نسل توڙي ٻارڙا به سماجي براين ۾ مبتلا ٿي رھيا آھن. 

ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ايس ايڇ او داد لغاري چورن خلاف تہ ڪاروائي ڪون ٿو ڪري پر عام سفيد پوش طبقي جي ماڻھن کي بنا سبب تنگ ڪري ٿو، مظاھرين ايس ايس پي گھوٽڪي کان گھر ڪئي تہ بنادير نااھل ايس ايڇ او دادلغاري کي ھٽائي ان جي جاءِ تي ڪو ٻيو ايماندار آفيسر مقرر ڪري داد لغاري شھر واسين جي منشيات فروشن ۽ چورن کان جند آجي ڪرائي وڃي.