مدئجي جي عيدگاهه محلي جي رهواسي غريب پورهيت جي گهر کي کاٽ، الهه تلهه ٻهاري ويا، گهرڀاتين جو احتجاج

news

مدئجي (رپورٽ: ايوب بروهي) مدئجي جي عيدگاهه محلي جي رهواسي غريب پورهيت محمد پنجل سهيجو جي گهر کي نامعلوم هٿياربندن کاٽ هڻي گهر اندر داخل ٿي گهر ۾ پيل سمورو الهه تلهه ٻهاري ويا. ان سلسلي ۾ گهرڌڻين پاران سجاڳ ٿيڻ بعد پوليس کي اطلاع ڪيو پر پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي.

ان سلسلي ۾ گهرڌڻي محمد پنجل سهيجو دانهيندي چيوته اسان گهر اندر ستل هئاسين ته نامعلوم چورن گهر کي کاٽ هڻي گهر ۾ داخل ٿي ڪمري ۾ لڳل پکو، ايل سي ڊي، هڪ بيٽري، هنڌ بسترا ۽ ٻيو سامان چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا. سجاڳ ٿيڻ بعد پوليس کي اطلاع ڪيو پر هن وقت تائين پوليس ناهي پهتي. هن ايس ايس پي شڪارپور سميت وس وارن کي اپيل ڪندي چيوته نوٽيس وٺي چوري ڪيل سامان واپس ڪرائي ملوث جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.