آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سورنهن آگسٽ تي سعودي عرب جي دوري لاءِ روانو ٿيندو

news

اسلام آباد: (خميس 13 آگسٽ 2020ع) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه 16 آگسٽ تي سعودي عرب جي دوري لاءِ روانو ٿيندو.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار پرڏيهي خبرون ڏيندڙ  ايجنسي سان ڳالهيون ڪندي چيو  آهي ته آرمي چيف جو دورو اڳ ئي طئي ٿيل آهي.

هن وڌيڪ چيو ته آرمي چيف جو دورو عسڪري معاملن جي حوالي سان هوندو. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب آرمي چيف سعودي اختيارين سان ڪشمير جو مسئلو ۽ معاشي معاملن تي به ڳالهيون ڪندو.