رپڙي لڳ ڳوٺ محمد سومر پنهور واسين جو سئوٽ جي ناجائزين خلاف احتجاجي مظاهرو

news

اڳڙا (رپورٽ: غلام رسول ڪلھوڙو) رپڙي لڳ سئوٽ جي ناجائزين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي ڳوٺ محمد سومر پنهور واسي ظهور، نذير ۽ نثار پنهور پنهنجي معصوم ٻارڙن سميت صحافين آڏو دانهيندي چيو ته سجاد ڳوٺ جو پراڻو ابن ڏاڏن کان ڇڏيل سڪني رستو بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن.

اسين گهرن کان ٻاهر نه ٿا نڪري سگهون، گهرن ۾ مريض موجود آهن جن جو علاج هلندڙ آهي انھن مريضن کي بہ  اسپتال ڏانھن وڃڻ نٿو ڏنو وڃي.

هنن ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي ڪري رستو کولرائي ڏنو وڃي نه ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.