داد لغاري شھر ۾ آزادي جو ڏھاڙو وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويو

news

دادلغاري (رپورٽ: اياز احمد پتافي) پوري ملڪ جيان دادلغاري شھر ۾ بہ آزادي جو ڏھاڙو وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويو.

شھري اتحاد، جميعت طلباءِ اسلام، ڇاندڻ يوٿ ڪميٽي سميت ٻين جماعتن پاران آزادي ڏھاڙي جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون. ريلين ۾ نوجوانن، پوڙھن، معصوم ٻارڙن توڙي شھرين ھٿن ۾ پاڪستاني قومي جھنڊا ۽ بينرز کڻي شرڪت ڪئي.

ريلي ۾ شريڪ ماڻھن کي اڳواڻن محمد اسلم لغاري، عبدالحڪيم لغاري، اشوڪ بيڪس، رياض لوھار، شفقت منگي، سليمان لغاري، محمد بخش لغاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ ھي ملڪ پاڪستان اسان کي وڏي جدوجھد ۽ قربانين جي بدلي ۾ مليو آھي. انھن وڌيڪ چيو تہ چوڏھن آگسٽ جو ڏينھن عيد جي ڏينھن طور ملهائيندا آهيون، ريلي جي اختتام ۾ شھداءِ پاڪستان جي لاءِ دعائون پڻ گھريون ويون.