خيرپور ناٿن شاهه ۾ واپاري اتحاد طرفان جشن آزادي جو ڏهاڙو ملهايو ويو

news

خيرپوناٿن شاهه (رپورٽ: ذلفي ناٿن شاهي) واپاري اتحاد طرفان جشن آزادي جو ڏهاڙو ملهايو ويو، واپاري اتحاد جي صدر اعجاز سومرو جي اڳواڻي ھيٺ شاھي بازار ۾ واپاري برادري طرفان ڪيڪ ڪاٽيو، جنهن ۾ واپاري حاجي قربان شيخ، شاھ شيخ، جي يو آء ضلع اڳواڻ حافظ انور کونهارو، پ پ پ ڪائونسلر راشد جوکيو، نبي بخش شيخ، ياسين شيخ، وسيم شيخ، حفيظ شيخ، گل شيخ سميت واپارين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

جڏھن ته واپاري اتحاد جي صدر اعجاز سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ چوڏھن آگسٽ  اسان جي ملڪ جي آزادي جو ڏينهن آھي، جنھن حوالي سان شھر جي واپارين طرفان ھي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي آھي، هن ڏھاڙي تي اسان پاڪ فوج سميت ملڪ جي دفاعي ادارن کي سلام پيش ڪيون ٿا، جن جي قربانين سان اسان کي پاڪستان جھڙو عاليشان ملڪ مليو.