سجاول ضلعي ۾ آزاديءَ جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

news

سجاول (رپورٽ: نديم ميمڻ)  ضلعي سجاول ۾ آزاديءَ جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. آزادي ڏهاڙي جي مک تقريب ايس ايس پي آفيس سجاول ۾ منعقد ڪئي وئي.

جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر محمد اسماعيل ميمڻ، ايس ايس پي پوليس سهائي عزيز ٽالپر، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون سردار رياض حسين لغاري، اسسٽنٽ ڪمشنر سجاول ثناء الله سنجراني، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر سرفراز سمون، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر دوست علي ملاح، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر شهناز خواجا ۽ ٻين  گڏجي قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي رسم ادا ڪئي.

جنھن بعد سنڌ پوليس جي هڪ چست جٿي سلامي ڏني ۽ مارچ پاسٽ ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر سجاول محمد اسماعيل ميمڻ چيو ته آزادي هڪ عظيم نعمت آهي اسان کي ان جو قدر ڪرڻ گهرجي هن چيوته آزادي جو قدر اهي قومون ڄاڻن ٿيون جيڪي آزادي جهڙي نعمت کان محروم آهن ۽ چيو ته اڄ جيڪو اسان جشن آزادي جو ڏهاڙو جذبي، ولولي، ۽ خوشي سان ملهائي رهيا آهيون پنهنجي بزرگن جي اڻٿڪ محنتن ۽ قربانين جو نتيجو آھي. هن چيوته اڄ هن خوشي جي موقعي تي اسان پنهنجن ڪشميري ڀائرن جي آزادي واري جدوجهد کي سلام پيش ٿا ڪريون، ڪشمير اسان جي شھ رڳ آهي ڪشمير کان سواءِ پاڪستان اڻ پورو آهي.

ايس ايس پي سجاول پوليس سهائي عزيز ٽالپر چيوته اڄ اسان آزاد آهيون اسان وٽ اظهار جي آزادي ۽ عبادت ڪرڻ جي آزادي آهي هي سڀ ڪجھ اسان جي بزرگن جي قربانين جو نتيجي ۾ حاصل ٿيو آھي.هن چيو ته اسان کي گهرجي ته اسان اهڙا عمل ڪريون جنهن سان اسان جي ملڪ پاڪستان جو نالو روشن ٿئي.

آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر محمد اسماعيل ميمڻ ۽ ايس ايس پي پوليس سهائي عزيز ٽالپر سول اسپتال سجاول جي مريضن ۾ فروٽ ورهايو ۽ جيل جي قيدين ۾ فروٽ ۽ برياني پڻ ورهائي وئي. ٻئي پاسي مختلف تنظيمن جميعت طلباءِ اسلام، سيرت ڪميٽي، پوڄ ھندو پنچائت، اسٽيٽ يوٿ پارليامينٽ پاران ريليون ڪڍي وطن سان محبت جو اظهار ڪيو ويو.