news
حيدرآباد

اها ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه ناهي

اڄ جيڪي توهان ننڍيون وڏيون ڳالهيون ٻڌندا، اهي ڳالهيون ڳڻتيءَ جوڳيون نه هونديون، اهي سوچڻ جون ڳالهيون هونديون، توهان اجايو حيران نه ٿيو، اسان فقير ماڻهو به واندڪائي ۾ سوچڻ جي شغل مان لطف اندوز ٿيندا آهيون، خبر ناهي ڪنهن جو قول آهي ته سوچڻ دانشورن ۽ حاڪمن جي وزير مشيرن جي ملڪيت ناهي، بونگا ۽ فقير به ڪڏهن ڪڏهن سوچي سگهن ٿا.

توهان لکڻ ۽ ڳالهائڻ تي پهرو ڏئي سگهو ٿا پر سوچڻ تي توهان ڪو به پهرو نٿا ڏئي سگهو، باغ جي بينچ تي اڪيلي، چپ چاپ ويٺل ماڻهوءَ تي توهان سوچڻ جو الزام هڻي سگهو ٿا، سوچڻ جي الزام ۾ توهان ان کي گرفتار به ڪري سگهو ٿا، سوچڻ جي ڏوهه ۾ توهان کيس پنهنجي انجام تائين به پهچائي سگهو ٿا پر توهان اسان فقيرن کي ڇا ڪندا؟ اسان جهڙا بونگا گهڻو ڪري باٿ روم ۾ سوچيندا آهن، سوچڻ لاءِ توهان کي باٿ روم جهڙي پرسڪون جاءِ ٻي نه ملندي اهوئي سبب آهي جو انگريز باٿ روم يا ٽائيلٽ کي ريسٽ روم جو نالو ڏنو آهي.

ته پوءِ توهان تيار رهو اهڙيون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ جيڪي ظاهري طور ڳڻتي ۾ مبتلا ڪرڻ جهڙيون هونديون پر اهي ڳالهيون سوچڻ جهڙيون هونديون، وڏي ويچار بعد اسان جهڙن بونگن فيصلو ڪيو آهي ته سڀ کان پهريان اسان شين جي وڌندڙ اگهن تي سوچينداسين ٻڌو آهي ته رواني کاڌي پيتي وارين شين جون قيمتون آسمان کي ڇهي رهيون آهن، ڪورونا جو ڊپ نه ڪندي گهر کان ٻاهر نڪري اسان آسمان ڏانهن ڏٺو، آسمان ايترو ئي پري هو جيترو هن وقت اسان جا وڏا اسان کان پري آهن پر مونکي آسمان ڪجهه وڌيڪ پري ئي ڏسڻ ۾ ٿو اچي، پنڌرهن ڀيرا فيل ٿيڻ کانپوءِ سورهون ڀيرون امتحان ۾ ڇڪي ڪاپي ڪرڻ جي نيتيجي ۾ مونکي اقتصاديات ۾ ايم اي جي ڊگري نصيب ٿي هئي، هيءَ گذريل صديءَ جي ڳالهه آهي، توڙي جو مون سرعام ڪاپي ڪئي هئي پر پوءِ به مونکي اقتصاديات جا ڪجهه اصول ياد آهن.

پروفيسر صاحبان اسان کي ٻڌائيندا هئا ته شين جا اگهه وڌڻ سبب خريد ڪرڻ جي سگهه گهٽ ٿي ويندي آهي ۽ نتيجي ۾ مهانگي شيءِ جي کپت Consumption گهٽ ٿي ويندي آهي، مثال اگهه وڌي وڌي نه ڄاڻ ڪهڙي آسمان کي ڇهڻ لڳندا آهن، تڏهن ماڻهو کنڊ ملائي چانهن نه پيئندا آهن پر ڳڙ ملائي چانهن مٺي ڪندا آهن، اهڙيءَ طرح گهرج Demand وڌي وڃڻ ڪري ڳڙ جو اگهه به وڌي ويندو آهي.

اسان بازار ڏانهن وياسين، انگ اکر گڏ ڪيا، خبر پئي ته گذريل پنجن ڇهن سالن ۾ جون، جولاءِ جي مهينن ۾ ماڻهن ايتري مقدار ۾ کنڊ استعمال نه ڪئي هئي جيتري کنڊ پبلڪ هن سال مهانگي اگهه باوجود استعمال ڪئي آهي، مهانگي اگهه باوجود پبلڪ هن سال جون، جولاءِ جي مهينن ۾ وڌيڪ اٽو کاڌو آهي يعني اٽي جا نان، پراٺا، پوريون ۽ مانيون کاڌيون آهن.

اها سچ ۾ به سوچڻ جي ڳالهه آهي، ماڻهن اقتصاديات جي علم جي حالت خراب ڪري ڇڏي آهي، اسان وٽ هتي اقتصاديات جي دال نٿي ڳري، اسان وٽ جڏهن ٽماٽي جو اگهه ويهه روپيا ڪلو هوندو آهي تڏهن ٽماٽو ايترو وڪرو ناهي ٿيندو جيترو هڪ  سئو ويهه روپيا ڪلو ۾ وڪامجندو آهي، هيءَ ڳالهه مرحوم ۽ مغفور مارشل ميڪ لوهان ڪاڻ ڳڻتيءَ جوڳي ٿي سگهي ٿي پر اسان جي لاءِ نه، اقصاديات جي باري ۾ ڪتاب مارشل ميڪ لوهان لکيو آهي، اسان نه.

مارشل ميڪ لوهان جيڪڏهن اڄ زندهه هجي ها ته پاڪستان ۾ اقتصادي مارشل لا هڻي ڇڏي ها، جيئن جيئن ڊالر مهانگو ٿيندو پيو وڃي تيئن ماڻهن ۾ ٻاهرين ملڪن جي سير تفريح جو شوق وڌندو پيو وڃي، جڏهن سون سستو هوندو هو تڏهن ڪنوار کي تولن جي حساب سان ڳهه ڏنا ويندا هئا، پر هاڻ جڏهن سون جي اگهه اڳيان پويان ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن ته ڪنوار کي ڪلو جي حساب سان ڳهه پارايا پيا وڃن، اهڙي صورتحال ڳڻتيءَ جوڳي ناهي، اها سوچڻ جي ڳالهه آهي، اسان وٽ گنگا ابتي ڇو وهندي آهي؟

لولي لنگڙي جمهوريت ۾ اسان خرمستيون ڪندا آهيون ۽ مارشل لا ۾ سڌا ٿي ويندا آهيون، سوچڻ جي ڳالهه آهي، ڳڻتيءَ جي ڳالهه ناهي، ڪيتروئي لڪائڻ باوجود اسان جون کوڙ لڪل ڳالهيون هڪٻئي اڳيان ظاهر ٿي وينديون آهن، وقت جي حاڪم ڪپڙا ٺاهڻ، سرجيڪل ۽ ڪٽلري ٺاهڻ ۽ راندين جو سامان ٺاهيندڙ صنعتن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، وقت جي حاڪم جو سمورو ڌيان اڏاوتي ڪم تي آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ هاءِ وي جي ٻنهي پاسي ننڍن گهرن جا شهر ٺهي رهيا آهن، ماڻهو پڇن ٿا هنن هزارين لکين گهرن ۾ ڪير اچي ترسندو؟ ڪٿان ايندا ايترا ماڻهو؟ اها ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه ناهي، سوچڻ جي ڳالهه آهي.

ٻڌو آهي اڏاوتي صنعت جي منصوبن سان حڪومت جو خالي خزانو پرڏيهي ناڻي(Foreign Exchange) سان ڀرجي ويندو، اڏاوتي ڪم جي صنعت ۾ سيڙپڪاري ٻاهرئين ملڪ جا پاڪستاني ڪري رهيا آهن، فليٽ ڪوٺيون ترجيحي بنيادن تي ڊالرن ۽ پائونڊن ۾ وڪرو ڪيون وينديون، ڪنهن کان به اگهه بابت نه پڇيو ويندو، اها ڳالهه ڳڻتيءَ جوڳي ناهي، سوچڻ جي ڳالهه آهي. 

امرجليل

(جنگ جي ٿورن سان)