پنجانوي ساله آمريڪي سائيڪل تي هڪ لک ميل جو سفر مڪمل ڪري ورتو

news

ڪيليفورنيا: (ڇنڇر 15 آگسٽ 2020ع) 95 ساله آمريڪي بزرگ سائيڪل تي هڪ لک ميل جو سفر طئي ڪري ورتو آهي جيڪو ان جي عزم ۽ همت جي هڪ مثال آهي. ڪيليفورنيا جي رهائشي باب منيوئر کي ان جا پاڙيسري بائيسڪل باب جي نالي سان پڪاريندا آهن.

1990ع جي عمر ۾ هو پنهنجي ملازمت تان رٽائرڊ ٿي ويو هو ۽  هينئر تائين روزاني هڪ ڊگهو سفر سائيڪل تي طئي ڪندو آهي  هن هفتي اڱاري جي ڏينهن هن سائيڪل تي پنهنجي سفر جا هڪ لک ميل پورا ڪيا ته  هر خاص ۽ عام ان موقعي تي پنهنجي خوشي جو اظهار ڪندي جشن ملهايو. هي ننڍي تقريب سانتا ماريه ۾ منعقد ٿي جتي  هن جا دوست ۽ پاڙيسري موجود هئا.

1990 کان پوءِ باب روزاني سائيڪل هلائيندو هو ۽ گهٽ ۾ گهٽ  9 ميل يا 16 ڪلو ميٽر سفر طئي ڪندو آهي. کيس سائيڪل هلائڻ جو جنون آهي پوءِ ڀلي برسات هجي يا برفباري هو وزاني هڪ نئين عزم سان گڏ سائيڪل هلائيندو آهي.

هن اهم موقعي تي باب ٻڌايو ته مان هڪ لک ميل جو فاصلو طئي ڪري تمام گهڻو خوش آهيان هن ٻڌايو ته سائيڪلنگ منهنجي بهترين صحت جو سبب آهي هن چيو ته مان ڪجهه ڏينهن آرام ڪري ٻيهر سائيڪل جي سفر جي شروعات ڪندس.