مدئجي واسي ظفر شاهه جو زيد ڪالوني ڀرسان تشدد ٿيل لاش هٿ، واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو

news

مدئجي (رپورٽ: ايوب بروهي) مدئجي واسي رائيس ٽريڊنگ ڪارپوريشن جي ڊپٽي مئنيجر 55 سالن جي احمد شاهه عرف ظفر شاهه جو زيد ڪالوني ڀرسان تشدد ٿيل لاش هٿ ڪيو ويو.

اهڙي اطلاع بعد پوليس ۽ رينجرز واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جنهن بعد اهڙو اطلاع فوتي جي وارثن کي ڏنو ويو، جنهن تي سندس گهرڀاتين ۾ قهرام مچي ويو، جنهن کانپوءِ وارثن اسپتال پهچي لاش وصول ڪري ايمبولينس ذريعي مدئجي آندو.

ان سلسلي ۾ مقتول احمد شاهه عرف ظفرشاهه جي ڀاءُ علي اڪبر شاهه رابطو ڪرڻ تي ٻڌايوته ڀاءُ ڪراچي ۾ نوڪري ڪندو هو، ڪالهه هو ڀينس ڪالوني ۾ پنهنجي گهر ۾ موجود هو ته دروازو کڙڪيو، جنهن بعد هو ٻاهر ويو ۽ واپس گهر اچي گهرڀاتين کي چيوته مان ٿوري دير ۾ واپس اچان ٿو، جنهن بعد هو گهر واپس نه آيو.

اڄ زيد ڪالوني ڀرسان سندس جو تشدد ٿيل لاش هٿ ڪيو ويو، جيڪو پوليس ۽ رينجرز کڻائي عباسي شهيد اسپتال پهچايو، اهڙي اطلاع تي اسان اسپتال پهچي تشدد بعد قتل ڪيل ڀاءُ جو لاش وصول ڪري ايمبولينس ذريعي ڳوٺ کڻائي آياسين.

هن چيوته اسان جي ڪنهن سان  به دشمني ناهي واقعي جو اصل ڪارڻ پڻ معلوم ٿي ناهي سگهيو. ٻئي طرف مقتول جي قتل ٿيڻ جي خبر پوڻ شرط وڏي انگ ۾ مٽ مائٽ سندس تڏي تي پهتل آهن.