نوابشاهه: دولتپور واسي جو گهر تي قبضي خلاف احتجاج، انصاف ۽ تحفظ جو مطالبو

news

نوابشاهه(رپورٽ:فدا چانڊيو) دولتپور جي ڳوٺ سبحان دين آرائين جي رهواسي عابد حسين آرائين نوابشاهه پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته سندس اباڻي گھر تي جوابدارن محمد رضوان، محمد نعمان، منڇا اعظم، محمد اسلم، سردار آرائين ۽ ٻين حملو ڪري مونکي زخمي ڪيو ۽ گھر تي قبضو ڪندي اسان کي بيدخل ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته ھاڻي دانھڻ تي جوابدارن مڇرجي اسان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ سميت اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

 ھن وڌيڪ چيو ته دولتپور پوليس پڻ جوابدارن جي ساٿاري بڻيل آھي، ھن اختيارين کان گھر ڪئي ته گھر تان قبضو ختم ڪرائي جوابدارن کان نجات ڏياري وڃي.

 ھن چيو ته اسان کي ڪو به نقصان پھتو ته ان جا ذميوار مٿيان جوابدار ھوندا.