لورالائي ويجهو ڪار ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ٻارڙن ۽ عورتن سميت پنج ڄڻا اجل جو شڪار

news

ڪوئٽه: (آچر 16 آگسٽ 2020ع) بلوچستان جي ضلعي لورالائي جي ويجهو ڪار ۽ ٽرڪ وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 ٻارن سميت 5 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا.

ليويز اختيارين موجب ڪوئٽه، لورالائي روڊ تي لورالائي جي ويجهو گلي شبوزئي جي هنڌ تي هڪ ڪار تيز رفتاري سبب ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي.

اختيارين موجب حادثي ۾ 2 ٻار ۽ 3 عورتون ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويون جڏهن ته هڪ عورت سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين کي لورالائي ۾ شروعاتي طبي امداد کان پوءِ ڪوئٽه روانو ڪيو ويو آهي.

حادثي ۾ فوت ٿي ويلن ۽ زخمي ٿيندڙن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي.