news
حيدرآباد

اسان پوئتي ڇو ٿي ويا آهيون؟

اهو خيال گهڻو ڪري پريشان ڪندو آهي ته ڪو سبب ضرور هوندو جو اسان قدرتي، مادي ۽ انساني وسيلن سان مالامال هئڻ باوجود ترقي ڪرڻ بجاءِ زوال طرف سفر ڇو ڪيو آهي، 1947ع واري پاڪستان ۽ اڄ جي پاڪستان جي ڀيٽ ڪجي اندازو ٿي ويندو ته اُن وقت جنهن جاءِ تي اسان بيٺل هئاسين، ان مطابق اسان کي اڄ چين ۽ جاپان کان ڪيتروئي اڳتي هجڻ گهرجي ها، چين جي حالت ته ان وقت انتهائي خراب هئي، ڊگهي جنگ ان کي نڊهال ڪري ڇڏيو هو ۽ ان جو بنيادي ڍانچو برباد ٿي ويو هو، نئين اڏاوت جو عمل انتهائي ڏکيو گذريو هو، ڪير سوچو به نه هوندو ته صرف 70 سالن کانپوءِ هي ملڪ دنيا جي ٻي وڏي طاقت بڻجي ويندو.

هي ملڪ آزادي کان پهريان تقريبن 22 سالن تائين جنگين ۽ گهرو جنگين شڪار ٿي ويو هو، 1937ع کان 1995ع جي وچ ۾ جنگين دوران چين جا ڏيڍ کان ٻه ڪروڙ ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ ان عرصي دوران 10 ڪروڙ چيني دربدر ٿي ويا، جاپان 1937ع ۾ چين تي قبضو ڪيو هو، ان قبضي دوران چين ۾ ڏڪار آيو ۽ 1942ع ۾ 30 لک چيني بک ۽ اڃ سبب مري ويا، جاپان پنهنجو قبضو برقرار رکڻ لاءِ بدترين ظلم ڪيا ۽ صرف هڪ مهيني ۾ جاپانين 2 لک شهرين کي موت جي حوالي ڪيو، جنگ سان چين جي صنعت کي پڻ بدترين نقصان پهتو ۽ باقي وڃي 15 سيڪڙو صنعت بچي، ، 1949ع ۾ ڪميونسٽ انقلاب ڪامياب ٿيو ۽ ڪميونسٽن بيجنگ تي قبضو ڪري ورتو جنهن کانپوءِ ان ملڪ ۾ حيرت انگيز ترقي شروع ٿي، جنهن وقت اسان آزاد ٿياسين ان وقت جاپان جي صورتحال تمام گهڻي خراب هئي، ٻي عالمي جنگ ۾ هن نازي جرمني سان ٺاهه ڪري ورتو هو، ان دوران جاپان پنهنجي هر پاڙيسري ملڪ تي فوج ڪشي ڪئي.

جاپان جرمني ۽ اٽلي سان جنگي معاهدو ڪيو ۽ 1941ع ۾ پرل هاربر تي حملي کانپوءِ آمريڪا به باقاعده ٻي عالمي جنگ ۾ ڪاهي پيو، ان عظيم جنگ ۾ جاپان جا 21 لک فوجي ۽ 26 لک شهري مري ويا، جڏهن ٻي عالمي جنگ ختم ٿي ۽ جاپان هٿيار ڦٽا ڪيا ته ان جي معيشت پوري طرح تباهه ٿي چڪي هئي، چين وانگي جاپان به معجزه ڏيکاريا ۽ هن وقت هو به دنيا جي ٽين وڏي معيشت بڻجي چڪو آهي.

ان ڳالهه تي سوچڻ گهرجي ته چين اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي، جاپان به ايشيائي ملڪ آهي، انهن ٻنهي عالمي ٻنهي جنگين ۾ وڏو مالي ۽ جاني نقصان برداشت ڪيو آهي، اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته انهن ملڪن جا وڏا شهر مٽيءَ جو ڍير بڻجي چڪا هئا ۽ صنعت توڙي زراعت هر شيءِ بربات ٿي چڪي هئي، ايڏي ڀيانڪ تباهي باوجود انهن ٻنهي ملڪن درست فيصلا ڪيا ۽ اڄ دنيا جي معيشت تي سندن راڄ آهي،اسان جڏهن 1947 ۾ آزاد ٿياسين ته ان وقت اسان جي حالت انهن ٻنهي کان ڪافي بهتر هئي، سڀ کان پهريان ڳالهه اها هئي ته ننڍو کنڊ برطانيا جو غلام هو ۽ پهرين توڙي ٻين عظيم جنگين ۾ برطانيا هندستان جي دولت، وسيلن ۽ هندستاني فوجين کي استعمال ڪيو پر سڌيءَ ريت انهن جنگين جوننڍي کنڊ تي گهٽ اثر پيو، اهوئي سبب آهي جو 1947ع ۾ جڏهن هندستان ۽ پاڪستان کي برطانيا جي تسلط مان آزادي ملي ته ان وقت هي ٻئي ملڪ ٻين آزاد ٿيندڙ ملڪن وانگي تباهه نه ٿيل هئا پر ڪيترن ئي حوالن سان انهن کان بهتر هئا، ته پوءِ ائين ڇو ٿيو جو پاڪستان معاشي ۽ سماجي ترقي جا معجزه نه ڏيکاريا؟

هندستان ۽ بنگلاديش آزادي بعد ترقي ۾ تيز رفتاري نه ڏيکاري پر پوءِ صورتحال تبديل ٿي وئي، هڪ وقت اهڙو هو جو هندستان کي فقيرن جو ملڪ چيو ويندو هو، مرحوم ابراهيم جليس جي تحرير ” ڏهه ڪروڙ فقير“ ان تناظر ۾ لکيل آهي، بنگلاديش جي باري ۾ ڇا چئجي؟ ان کي پاڻ کان جدا ڪرڻ وارا اسان پاڻ آهيون، جيستائين هو اسان سان گڏ هو ته ان کي مذاق بڻايوسين، اسان بنگالي ٻولي ڳالهائيندڙ پاڪستاني ڀائرن کي ڇا ڇا نه چيو، ڇا انهن کي اهي لقب نه ڏناسي”بکايل اگهاڙا بنگالي“ هڪ اصطلاح طور رائج هو، هنن کي چور کان علاوه اهو به چيو ويندو هو ته هنن مان مڇيءَ جي ڌپ ٿي اچي، اها سوچ ته عام هئي اسان جو يعني اولهه پاڪستان جو سمورو پيسو انهن ماڻهن جي پيٽ ڀرڻ ۽ سيلاب جو نقصان ڀرڻ ۾ پورو ٿئي ٿو، ڇا اهي تلخ جملا نه هوندا هئا جيڪي انهن جي باري ۾ چيا ويندا هئا، ان ڳالهه جو مقصد اهو آهي ته 1971 ۾ اوڀر پاڪستان جڏهن بنگلاديش ٿيو ته ان وقت ان جي معاشي صورتحال ڪهڙي هئي ۽ ان حوالي سان اسان جا ڪهڙا لفظ هوندا هئا؟.

بنگلاديش جو مثال ڏيڻ تمام گهڻو ضروري آهي ڇو ته اڄ کان 50 سال پهريان بنگلاديش متحده پاڪستان جو پٺ تي پيل ۽ غريب صوبو هوندو هو، اوڀر پاڪستان مان بنگلاديش ٿيڻ کان پوءِ صرف 50 سالن اندر اڄ اهو ڪٿي آهي ۽ اسان ڪٿي بيٺل آهيون، ممڪن آهي اهڙي قسم جي ڀيٽ خراب لڳي پر هن وقت اسان جنهن بحراني ڪيفيت ۾ آهيون ان جي تقاضا آهي ته اسان پنهنجو تنقيدي جائزو وٺون ۽ پنهنجي اندر ۾ تلخ حقيقتن کي ٻڌڻ جو حوصلو پيدا ڪريون.

جڏهن بنگلاديش وجود ۾ آيو ته اهو دنيا جو ڏهون غريب ملڪ هو، هاڻ بنگالديش جي جي ڊي پي 347 ارب ڊالر جڏهن ته پاڪستان جي 284 ارب ڊالر آهي، ڪورونا جي اچڻ کان پهريان تائين بنگلاديش هر سال 7 سيڪڙو جي معاشي شرح سان ترقي ڪري رهيو هو ۽ هن وقت به ان جي شرح نمو 6 سيڪڙو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ اسان جي شرح نمو منفي ۾ وڃي چڪي آهي ۽ حڪومت موجب اها شرح منفي0.45 سيڪڙو آهي جڏهن ته غيرجانبدار ماهرن جو چوڻ آهي ته اسان جي جي ڊي پي ۾ گهٽتائي منفي 1.5 کان به وڌيڪ آهي، هن وقت بنگلاديش جي جي ڊي پي 2 هزار ڊالر ۽ پاڪستان جي 15 هزار آهي، بنگلاديش جي پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيره 33.3 ارب ڊالرن جي لڳ ڀڳ آهن، جڏهن ته پاڪستان جي مٽاسٽا جا ذخيره 12 ارب ڊالرن جي لڳ ڀڳ آهن.

اڄ جي دنيا ۾ ايڪسپورٽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، بنگلاديش جي ايڪسپورٽ 45 ارب ڊالرن کان وڌيڪ آهي جڏهن ته اسان جي ايڪسپورٽ ڪيترن ئي سالن کان 25 ارب ڊالرن تي ڄميل آهي، پاڪستان مٿان قرضن جو ٻوجهه به پاڪستان کان وڌيڪ آهي، اها ڳالهه ايتري پراڻي ناهي جڏهن بنگلاديش جا ماڻهو غيرقانوني طور پاڪستان اچي روزگار ڪندا هئا، هي اهو زمانو هو جڏهن هڪ سئو پاڪستاني روپئي ۾ ٻه سئو بنگلاديشي ٽڪا پوندا هئا، توهان اهو ڄاڻي شايد عجب ۾ پئجي وڃو ته جيڪڏهن ڪو 100 بنگلاديشي ٽڪا کڻي مني چينجز وٽ وڃي ته کيس 200 پاڪستاني روپيا ملندا، اهوئي سبب آهي جو هاڻ جو هاڻ بنگلاديش کان پاڪستان اچڻ وارن جو انگ تمام گهڻو گهٽ ٿي ويو آهي، اڃان به اهو ڏسڻ ۾ پيو اچي ته جيڪي بنگالي هتي موجود آهن اهي هتان وڃي رهيا آهن، ڊالر جي مقابلي ۾ جيڪڏهن پاڪستاني روپئي ۽ بنگلاديشي ٽڪي جي ڀيٽ ڪئي وڃي ته هڪ ڊالر ۾ 160 پاڪستاني روپيا جڏهن ته 84 بنگلاديشي ٽڪا ملندا آهن، هتي اهو سڀ ڪجهه بيان ڪرڻ جو مقصد توهان کي پريشاني ۾ مبتلا ڪرڻ نه آهي، اصل مقصد اهو آهي ته اهڙي ڀيٽ جي ذريعي اسان پنهنجي ملڪ جي معاشي ۽ سماجي ابتري تي غور ۽ فڪر ڪريون، صرف اهو ته پاڻ کي ڪنهن فريب ۾ نٿا رکڻ چاهيون ته سڀ سياستدان چور، ڌاڙيل ۽ ڪرپٽ آهن، ڪرپشن ۾ ڪيترائي ملڪ اسان کان اڳيان آهن پر ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ انهن اسان کي پوئتي ڪري ڇڏيو آهي، ائين ڇو آهي؟

زاهده حنا

(ايڪسپريس جي ٿورن سان)