وفاقي ۽ سنڌ حڪومت عوام دشمن پاليسين تي هلي رهي آھي:غنويٰ ڀٽو

news

ملير (رپورٽ: دريا خان شر) ملير پ پ شھيد ڀٽو جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو چيو آھي ته اسرائيل ۽ عرب ملڪن جو اتحاد ٽرمپ حڪومت جي سازش آھي،  جنهن سازش ۾ فلسطين ۽ ڪشمير تي قبضو ڪيو ويندو. وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت عوام دشمن پاليسين تي هلي رهيون آھن. ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ گڏ ٿيون آھن.

اهڙن خيالن جو اظھار هن ملير جي مختلف علائقن ملير اسٽيل ٽائون، گلشن حديد ۽ ٻين هنڌن تي تعزيتن دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جي حڪومتي دور ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو کي قتل ڪيو ويو، 25 سال گذرڻ بعد قاتل جو نالو پوليس سينٽر تي رکيو ويو. عوام کي حڪومتن مان ڪهڙو انصاف ملي سگهي ٿو.

غنويٰ ڀٽو وڌيڪ چيو ته بلدياتي اليڪشن ٿيڻ سٺو عمل آھي پر چونڊجي ايندڙ  نمائنده عوامي مسئلا حل ڪرڻ بدران ڪرپشن ڪرڻ ۾ لڳل آھن، پ پ شھيد ڀٽو ايندڙ بلدياتي چونڊن جون تياريون ڪري رهي آھي، بلدياتي اليڪشن کٽي عوامي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪندي. ان موقعي تي مرڪزي سينٽرل ڪميٽي جو اڳواڻ اصغر دستي، ضلعي ملير جو صدر ڪامريڊ سليم راجپوت، جنرل سيڪريٽري حبيب گل حمائتي، حاجي بگن خاصخيلي، نظير لاشاري، ڊاڪٽر رئوف مغيري ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا.