مدئجي ڀرسان موٽرسائيڪل ۽ گڏهه گاڏي ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، عورت زخمي

news

مدئجي (رپورٽ: ايوب بروهي) مدئجي ڀرسان راهوجا هائوس باءِ پاس روڊ تي تيز رفتار موٽرسائيڪل جو گڏهه گاڏي سان زوردار ٽڪر ٿي پيو.

نتيجي ۾ مدئجي شهر جي سومرا محلا جو رھواسي 50 ورهين جو اڌڙوٽ فياض حسين پنهور ۽ سندس گهرواري شمع سخت زخمي ٿي پيا، جن کي وارثن ۽ علائقي واسين کڻائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو جتي زخمن جا سور نه سهندي پيرسن فوت ٿي ويو.

ان موقعي تي فوتي پيرسن جي ويڳي پٽ حبدار شيخ ٻڌايو ته منهنجو والد امڙ سان گڏ باقراڻي ۾ مائٽن جي شادي تقريب ۾ آيل هئا جتان اڄ صبح جو هو گهر پئي آيا ته مدئجي ڀرسان راهوجا هائوس باءِ پاس روڊ تي سندن جي موٽر سائيڪل جو گڏهه گاڏي سان ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ منهنجو پيءُ اسپتال ۾ فوت ٿيو آهي.

هوڏانهن ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي لاش کڻائي مدئجي پهتا جتي لاش گھر پھچڻ تي وارثن ۾ قهرام مچي ويو. فوتي جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.