مدئجي ويجهو وارهه ڪئنال مان نينگري جو لاش هٿ، والد پهچي سڃاڻپ ڪئي

news

مدئجي (رپورٽ: ايوب بروهي) مدئجي ويجهو وارهه ڪئنال مان نينگري جو لاش هٿ، اطلاع تي پوليس پهچي لاش ڪڍرائي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ سبب لاش پوسٽ مارٽم لاءِ شڪارپور نيو ويو، هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ پراڻي سکر واسي مشال ميراڻي طور ڪئي وئي، پيءُ پهچي لاش وصول ڪري سکر کڻائي ويا.

رپورٽ موجب مدئجي ڀرسان وارهه ڪئنال ۾ لاش لڙهندو ڏسي شهرين پاران پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، جنهن بعد پوليس وارهه پل تي پهچي ڳوٺاڻن جي مدد سان لاش پاڻي مان ڪڍرائي تعلقي اسپتال پهچايو، جتي ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ سبب فوتي نينگري جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ شڪارپور اسپتال نيو ويو.

هوڏانهن ميڊيا ۾ لاش هٿ اچڻ وارين خبرن تي پراڻي سکر واسي عبدالرشيد ميراڻي مدئجي ٿاڻي تي پهچي لاش بابت معلومات ورتي، جنهن بعد هن سڃاڻپ ڪندي چيو ته هٿ آيل لاش منهنجي ڏهن ورهين جي ڌيءَ مشال ميراڻِي جو آهي، جيڪا پندرنهن ڏينهن اڳ سکر ۾ ٻيڙي تي سنڌو درياهه جو سير ڪرڻ دوران ٻيڙي مان ڪري ٻڏي وئي هئي ۽ ڳولا باوجود سندس لاش هٿ نه آيو، اڄ ميڊيا ۾ لاش هٿ اچڻ واري خبر ٻڌڻ بعد پهتاسين ته لاش منهنجي نياڻي مشال جو آهي.

هوڏانهن ضروري ڪارروائي بعد فوتي نينگري جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو گهر پهچڻ تي وارثن ۾ قهرام مچي ويو.