مدئجي ڀرسان ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر سبب عورتن ۽ ٻارن سميت ست ڄڻا زخمي

news

مدئجي(رپورٽ:ايوب بروهي)مدئجي ڀرسان ڳاهيجا ٿاڻي جي حد سکر لاڙڪاڻو روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن وچ ۾ ٽڪر  جي نتيجي ۾ معصوم ٻارن ۽ عورت سميت ست ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي ڳاهيجا پوليس موبائيل ذريعي کڻائي تعلقي اسپتال پهچايو.

زخمين ۾ چڪ ڀرسان ڳوٺ عبدو جو رهواسي مظهر ڀيو، فيضان ڀيو ۽ نئون ديرو واسي پنجل سيٺار، سندس گهر واري مسمات زيبل خاتون، سندن معصوم ٻارڙا عبدالرئوف، محسن سيٺار ۽ ٻيا شامل آهن.

تعلقي اسپتال ۾ زخمين کي فوري طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو، لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيل زخمين کي تعلقي اسپتال ۾ ايمبولينس موجود هجڻ باوجود نه ڏني وئي، جنهن ڪري زخمين کي پرائيويٽ ڪار ذريعي لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته ڳاهيجا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي حادثي جو شڪار ٿيل موٽر سائيڪلون تحويل ۾ وٺي ڇڏيون آهن.