اوڏيرولال ۾ گئس جي هٿرادو لوڊ شڊنگ، رهواسي پريشان، نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

news

اڏيرولال( رپورٽ: حافظ امتياز علي چنا)اوڏيرولال اسٽيشن شهر ۾ گئس جي هٿرادو لوڊ شڊنگ جاري هئڻ سبب رهواسي رڌ پچاءُ لاءِ سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ لڳا آهن، ان موقعي تي شهرين سماجي اڳواڻ محمد اقبال ساهووال، سالم ابڙو، ممتاز ڇٽو، مختيار عمراڻي، منٽار شيخ، ڪامريڊ بشير ڇٽو ۽ ٻين صحافين کي دانهيندي ٻڌايو ته گذريل ڪيترن سالن کان  گئس جو پريشر گهٽ هجڻ ڪري شهري گهرن ۾ ماني به مشڪل سان پچائڻ لڳا آهن جڏهن ته عيد سميت 14 آگسٽ  جي ڏينهن به اسان جي شهر۾ گئس نه هئي ۽ گئس جي هٿرادو لوڊشڊنگ سبب اسان بنا ناشتي جي ڪم ڪارين  لاءِ نڪرون ٿا.

 سموري ڏينهن ۾ صرف 3 ڪلاڪ گئس اوڏيرولال اسٽيشن شهر کي  ڏني وڃي ٿي جڏهن ته اوڏيرولال اسٽِيشن ۾ ايندڙ سوئي گئس جي  2 انچ لائين مان 22 انچ پائپ جي گئس مختلف ڳوٺن کي ڏيڻ کان پوءِ اسان اوڏيرولال اسٽِشن جا شهري گئس لاءِ سخت پريشان ٿي ويا آهيون ۽ ڪاٺيون 300 رپيه مڻ خريد ڪري رڌ پچا ڪرڻ تي مجبور آهيون.

هنن چيو ته اسان گئس نه هجڻ جون شڪايتون، ايڪسين هالا، سوئي سدرن گئس جي هيڊ آفيس سميت اعليٰ اختيارين کي پڻ ڏنيون آهن پر ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.

 انهن وفاقي وزير پٽروليم ۽ گئس کان مطالبو ڪيو آهي ته اوڏيرولال اسٽيشن شهر ۾ ايندڙ مين لائين 2 انچ مان وڌائي 6 انچ ڪري گئس جو پريشر وڌايو وڃي.