مدئجي، ڊکڻ لنڪ روڊ تي موٽر سائيڪل ۾ رئو ڦاسڻ سبب عورت زخمي، حالت ڳڻتيءَ جوڳي

news

مدئجي(رپورٽ:ايوب بروهي) مدئجي ڀرسان مدئجي_ ڊکڻ لنڪ روڊ تي موٽر سائيڪل جي ٽائر ۾ رئو ڦاسڻ سبب ڳوٺ جندوديرو جي رهواسڻ مسمات مديحا زال غلام مصطفيٰ عرف غلام ڀٽو ڪري سخت زخمي ٿي پئي جنهن کي بروقت تعلقي اسپتال مدئجي آندو ويو جتي کيس فوري طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال نيو ويو جتي سندس جو علاج هلندڙ آهي.

 ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي زال مڙس موٽر سائيڪل تي ڊکڻ طرف وڃي رهيا هئا ته عورت جو رئو ٽائر ۾ ڦاسڻ سبب ڪري زخمي ٿي پئي.