ملير ۾ سماجي تنظيم پاران مختلف شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شخصيتن کي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ تقريب منقعد ڪئي وئي

news

ملير (رپورٽ: دريا خان شر) ملير ۾ سماجي تنظيم ايم يوٿ ڊولپمينٽ فورم پاران مختلف شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شخصيتن کي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ هڪ تقريب منقعد ڪئي وئي. سماجي تنظيم ايم يوٿ ڊولپمينٽ فورم جي باني چيئرمين سيد فهد حسين ڳالھائيندي چيو ته ايوارڊ ڏيڻ جو مقصد مختلف شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شخصيتن جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي.

انعام ڏيڻ هڪ همت افزاء عمل آهي، جيڪو تخليقڪار کي سندس تخليقي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ ڏجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته آئون خوشنصيب آهيان جو اسان جي فورم ذريعي حوصلا افزائي ڪرڻ لاءِ ڪم ھلي رھيو آھي. ايم يوٿ ڊولپمينٽ فورم جي چيئرمين عمير شاهد چيو ته مڃتا ايوارڊ ڏيڻ جو مقصد بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شخصيتن جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي. شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ ڏسڻ ۾ ننڍا نظر اچن ٿا پر ان سان اعتماد وڌي ٿو.

نائب صدر امجد زرداري ڳالھائيندي چيو ته ايوارڊ پيشگي تحقيقي ۽ پيشيواراڻين معيار جي بهترين طريقيڪار ۽ بهترين طريقن تي عملدرآمد کي به تسليم ڪري ٿو. ايم يوٿ ڊولپمينٽ فورم واحد فورم آھي، جنهن کي اهو اعزاز حاصل آھي ته مختلف شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شخصيتن جي حوصلا افزائي ڪندو آھي.

نقاش علي ڳالھائيندي چيو ته مختلف شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شخصيتن جي حوصلا افزائي لاءِ اھڙا پروگرام ٿيڻ گھرجن. ايم يوٿ ڊولپمينٽ فورم پاران ايوارڊ تقريب جو هر سال سلسلو جاري رکڻ سندن سچائي ثابت ڪري ٿي.