هريپور ۾ پراڻي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ فائرنگ، پنج ڀائرن سميت ڇهه ڄڻا مارجي ويا

news

هريپور: (اربع 19 آگسٽ 2020ع) هريپور ۾  پراڻي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 5 ڀائرن سميت 6 ڄڻا مارجي ويا.

پوليس موجب فائرنگ جي واقعي ۾ 3 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن جن کي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته فائرنگ کان پوءِ 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن وٽان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن جڏهن ته ٻيا جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

ڊي پي او پوليس جي ڳري نفري سميت واقعي واري هنڌ پهچي ويو. جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. پوليس جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته لاشن کي قانوني ڪارروائي جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته واقعو پراڻي دشمني  لڳي رهيو آهي.