مدئجي ويجهو سرن جي بٺي تان چوري خلاف راهوجا برادري جو احتجاج، شڪ ۾ ٽي ڄڻا گرفتار

news

مدئجي (رپورٽ: ايوب بروهي) مدئجي ويجهو گرڊ اسٽيشن ڀرسان امير علي راهوجو ۽ رحم علي بروهي جي سرن جي بٺي تان نامعلوم چور سولر پليٽون ۽ بيٽري چورائي ويا، جنهن بعد راهوجا برادري جي ماڻهن پوليس جي مدد سان کوجي ڪتا گهرائي پيرا کنيا، جيڪي مدئجي ڀرسان ڳوٺ الله بخش جلباڻي ۾ لڳا، جتي چورن پوليس ۽ ڀاڳين مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن دوران پوليس ماحول تي ضابطو آندو.

جنهن بعد  راهوجا برادري جي ماڻهن جلباڻي لاڙو سکر لاڙڪاڻو مين روڊ بلاڪ ڪري چورن جي گرفتاري نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي  تي مظاهرين امير علي راهوجو دانهيندي چيوته صبح سوير اسان جي سرن جي بٺن تان سولر پليٽون ۽ بيٽريون چوري ٿيون جنهن جا پيرا ڪتن ذريعي کڻايو جيڪو جلباڻي ڳوٺ ۾ لڳا. جتي جلباڻي برادري جي هٿياربند ماڻهن منهن ماري ڪندي اسان ۽ پوليس مٿان فائرنگ ڪئي آهي پوليس ڪجھ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن ڪري اسان روڊ بلاڪ ڪيو آهي. هنن ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪندي چيو ته چوري ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

اهڙي صورتحال بعد  ايس ايڇ او مدئجي پوليس اٽالن سميت ڌرڻي واري هنڌ پهچي راهوجا برادري کي چورن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائڻ بعد روڊ کولرايو ويو.

ٻئي طرف مدئجي پوليس جلباڻي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري جلباڻي برادري جي گهرن کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو جنهن دوران پوليس الله بخش جلباڻي ۽ گلزار جلباڻي سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري مدئجي ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو.

ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي پوليس چيو ته گرڊ اسٽيشن ڀرسان سرن جي بٺي تان چوري ٿي، چورن جا پيرا کنيا جيڪي ڳوٺ الله بخش جلباڻي ۾ لڳا، جتان ٽن ڄڻن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.