مديجي ويجهو ڳوٺ منعم آباد ۾ نو ورهين جي نينگري سان مبينا جنسي ڏاڍائي

news

مدئجي(رپورٽ:ايوب بروهي) مدئجي جي ڪچي واري علائقي جمالپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ منعم آباد جي رهواسي 9 ورهين جي معصوم نينگري جويريا ڌيءَ عبدالله جوڻيجو سان مبينا طور جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن خلاف نينگري جي والد عبدالله جوڻيجو نينگري سميت دانهيندي چيو آهي ته ٻه ڏينهن اڳ منهنجي 9 سالن جي ڌيءَ جويريا پاڙي جي ٻارن سان گڏ راند کيڏي رهي هئي ته پنهنجي ئي برادري جي جوابدار ماجد پٽ رشيد جوڻيجو ڌي کي کڻي ڪپڙن کان آجو ڪري جنسي زيادتي جي ڪوشش ڪئي جنهن تي نينگري جي رڙين ۽ پاڙي جي ٻارن جي ٻڌائڻ تي اتي پهتاسين ته جوابدار نينگري کي ڇڏي فرار ٿي ويو، جنهن کانپوءِ اهڙي واقعي خلاف حد جي ٿاڻي تي دانهڻ وياسين پر ڪوبه اهلڪار نه مليو.

 هنن وڌيڪ چيو ته جوابدار نوجوان ۽ سندس وارث ڪجهه به ڪرڻ جي صورت ۾ موتمار ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن، هنن ايس ايس پي شڪارپور ۽ وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي معصوم نياڻي سان زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾ ايس ايس پي شڪارپور جي آفيس آڏو احتجاج ڪنداسين.

هوڏانهن ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي جمالپور ٿاڻي جي پوليس چيو ته اسان وٽ واقعي بابت ڪو به دانهين ناهي پهتو، باقي واقعي بابت خبر پئي آهي ته واقعو ٻه ڏينهن اڳ ٿيو هو، نينگري جي وارثن جي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي،خبرفائيل ٿيڻ تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.