مدئجي ويجهو ڏوهارين پاران سکر لاڙڪاڻو روڊ بلاڪ ڪري مسافرن کان ڦرلٽ، مولانا اسدالله کهڙو کان به ڦر، مزاحمت تي تشدد، زخمي

news

مدئجي (رپورٽ: ايوب بروهي) مدئجي ويجهو ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهارين جو راڄ برقرار، ڏوهن تي ضابطو نه آيو، ڏوهارين پاران سکر لاڙڪاڻو روڊ بلاڪ ڪري ايندڙ ويندڙ گاڏين ۾ سوار مسافرن کان ڦرلٽ، مشهور عالم دين مولانا اسدالله کهڙو به ڏوهارين جي ور چڙهي ويو، ڏوهارين جو مولانا مٿان تشدد، زخمي.

مدئجي ويجهو ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ٻرڙا بس اسٽاپ ڀرسان سکر_ لاڙڪاڻو روڊ  تي هٿياربندن سکر لاڙڪاڻو روڊ بلاڪ ڪري ايندڙ ويندڙ گاڏين کي روڪي ان ۾ سوار مسافرن کان روڪ رقم، موبائيل فونون ۽ ٻيو سامان ڦري فرار ٿي ويا، جڏهن هٿياربندن جي يو آءِ اڳواڻ ۽ مشهور عالم دين مولانا اسدالله کهڙو کي به نه بخشيو، مولانا شڪارپور کان لاڙڪاڻو وڃي رهيو ته ساڳئي هنڌ تي هٿياربندن کيس روڪي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻايو، جنهن دوران مزاحمت تي جوابدارن مولانا اسدالله کهڙو مٿان وحشياڻو تشدد ڪري 3 لک روپيا روڪ رقم، موبائيل فون ۽ ٻيو سامان ڦري فرار ٿي ويا.

اهڙي صورتحال بعد زخمي مولانا اسدالله کهڙو ڳاهيجا ٿاڻي تي پهچي سموري واقعي بابت پوليس کي آگاهه ڪيو، جنهن بعد کيس ليٽر ڏئي علاج لاءِ نيو ويو.

هوڏانهن ڳاهيجا پوليس پاران جي يو آءِ اڳواڻ مولانا اسدالله کهڙو کان ڪيل ڦر ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پيرا کنيا جيڪي ڪچي ۾ درياهه جي ڪپ تي پهچڻ بعد گم ٿيڻ تي پوليس هٿين خالي واپس موٽي آئي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڳاهيجا پوليس جو چوڻ هوته مولانا اسدالله کهڙو ۽ ٻين مسافرن کان ڦر ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڏوهارين جا پيرا کنيا جيڪي ڪچي ۾ درياهه جي ڪپ تي پهچڻ بعد گم ٿي ويا آهن، پيرن گم ٿيڻ واري هنڌ درياهه ۾ ٻيڙي پڻ بيٺل هئي شڪ آهي ته جوابدار ٻيڙي رستي درياهه پار ڪري ويا هجن.

هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو. ٻئي طرف جي يو آءِ اڳواڻ مولانا اسدالله کهڙو کان ٿيل ڦر ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي شڪارپور ڪامران نواز پٿوجا ايس ايڇ او ڳاهيجا يارمحمد ڀيو کي معطل ڪري لائين حاضر ڪري ڇڏيو آهي.