ڏھرڪي ويجهو عورت پراسرار نموني فوت، وارثن پاران قتل جو الزام، احتجاج

news

ڏهرڪي (رپورٽ: امداد علي سومرو) ڏھرڪي ويجهو داد لغاري ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي بخش انساڻي مهر ڀرسان وسند مارواڙي جي 22 ورهين جي زال مائي مٽڪان پراسرار نموني فوت.

اھڙي اطلاع تي مائي مٽڪان جا وارث پھتا تہ مائي مٽڪان جي جسم تي تشدد جا نشان ٿيل ھئا، جنھن تي وارثن مائي مٽڪان جو لاش کڻائي ميرپورماٿيلو جي سرڪاري اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد ڏھرڪي آڻي لاش رکي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو، احتجاج ۾ عورتون ۽ مرد شامل ھئا.

ان موقعي تي وارثن چندن لعل، ڪنعيا لال ۽ ٻين چيو تہ گهريلو اڻبڻت سبب مڙس وسند مارواڙي پنهنجي گهرواري مائي مٽڪا کي تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪري ڇڏيو آھي. سندس مڙس وسند مارواڙي سخت تشدد ڪري مائي مٽڪان کي قتل ڪرڻ بعد اسان کي خودڪشي جو اطلاع ڏنو. ھنن چيو تہ اسان جي نياڻي کي بيگناھہ قتل ڪيو ويو آھي.

ھنن چتاءُ ڏيندي چيو تہ قاتل کي پوليس فوري طور گرفتار نہ ڪيو تہ اسين ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻينداسين، جنھن بعد احتجاج ڪندڙ فوتي عورت جو لاش کڻائي گھر روانا ٿي ويا. ھوڏانھن دادلغاري پوليس اھڙي واقعي جي ابتدائي رپورٽ درج ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي.