ڏهرڪي ۾ ناري کي ڀائرن ۽ ڏيرن پاران زوري کنڀڻ جي ڪوشش، پاڙي وارا پهچي ويا

news

ڏھرڪي(امداد علي سومرو) ڏهرڪي ۾ مينگهواڙ ناري ڪويتا کي ڀائرن ۽ ڏيرن پاران زوري کنڀڻ جي ڪوشش دانهن تي پاڙي وارا پهچي ويا، متاثر ناري جو چوڻ  آهي ته کيس ڀائر ۽ ڏير مارڻ چاهين ٿا تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

مسڻ محلي ۾ پيش آيل هن واقعي جي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ناري کي زوري کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ هوءَ بچايو بچايو جون دانهون ڪري رهي آهي.

جنهن بعد ناري پنهنجي جان ڇڏائي هڪ پاڙي جي گهر ۾ پناهه ورتي، متاثر ناري جو چوڻ هو ته کيس ڀائر ۽ ڏير قتل ڪرڻ چاهين ٿا تحفظ ڏنو وڃي.

ٻئي طرف ٻڌايو پيو وڃي ته ڪويتا پاڙي ۾ ئي ترسيل آهي ۽ ايڏو وڏو معاملو به ڪونه هو، چڱا مڙس وچ ۾ اچي معاملي کي ٺاهڻ جي ڪوششن ۾ رڌل هئا.