ڏوڪري ۽ ڀرپاسي مجلس عزا، لبيڪ ياحسين عه جون صدائون

news

ڏوڪري(رپورٽ:عبدالجبار ميمڻ ڏوڪري ۾ محرم الحرم جي حوالي سان علم پاڪن جي سينگارڻ جو سلسلو هلندڙ آهي، مرڪزي امام بارگاھ الحسيني، امام بارگاھ حسن مجتبيٰ ۽ ٻين هنڌن تي علم پاڪ لاٿا ويا ۽ علم پاڪ سينگارڻ جو سلسلو تيزي سان جاري آهي جڏهن ته شهر ۾ 50 کان وڌيڪ سينگار جا دڪان کوليا ويا آهن.

دڪانن تي ڪلس پاڪ، پنجا، بيرڪن سميت علم پاڪن، روضن کي سينگارڻ جي لاءِ سمورو سامان رکيو ويو آهي جڏهن ته شهر جي مختلف بازارن ۽ پاڙن ۾ مومنن پاران سبيل معصوم علي اصغر عليه السلام جون ڪئمپون لڳايون ويون آهن. 

هوڏانهن الحسيني مرڪزي امام بارگاھ، منتظر مهدي امام بارگاھ، حسن مجتبيٰ امام بارگاھ سميت مختلف امام بارگاھن ۾ عشر محرم الحرام جي حوالي سان مجلسون برپا ڪيون ويون آهن.

 مرڪزي امام بارگاھ ۽ مشتاق سومرو جي گهر مان 7 محرم الحرام جي رات گهوٽ قاسم عليہ السلام جي مهندي ۽ ڪربلا جي معصوم شهيد علي اصغر عليہ السلام جهولو برآمد ڪيو ويندو، 8 محرم الحرام جي رات جويا پاڙي مان مولا غازي عباس علمدار جو علم پاڪ برآمد ڪيو ويندو، 9 محرم الحرام جي رات ڪولاچي پاڙي مان، محرم الحرام جي ڏينهن تي نڪرندڙ مولا حسين جي روضي جو جهولو ۽ گهوٽ قاسم عليہ السلام جي شبيهه ڪڍي ويندي ۽ محرم الحرام جي ڏينهن صبح جو مرڪزي امام بارگاھ مان مرڪزي جلوس ڪڍيو ويندو جيڪو مخلتف پاڙن مان گذر ڪندو رات دير سان مرڪزي امام بارگاھ پهچندو.

 10 محرم الحرام تي شام غريبان جي مجلس عزا مرڪزي امام بارگاھ ۾ ڪرائي ويندي، ان موقعي تي مولوي غلام علي آملي، منظور جلباڻي، زوار قاضي وحيد علي، امداد ڪولاچي، امتياز ڪولاچي، مامو زيب قاضي، حسين بخش ميراڻي، سيد سجاد علي شاھ جيلاني، رياض حسين ميراڻي، عبدالحڪيم جويو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته علم پاڪ کي سنيگارڻ سان دل کي سڪون ملندو آهي ۽ غم حسين عليه السلام جا ڏهاڙا عقيدت ۽ احترام سان ملهائيندا آهيون.

 هنن چيو ته اسلام تي مولا حسين عليه السلام جو احسان آهي پنهنجي آل اسلام مٿان قربان ڪري اسلام جو علم بلند ڪيو، هنن جو چوڻ هو ته ڪربلا جي 72 شهيدن کي اڄ به دنيا ياد ڪري ٿي.