ڏهرڪي ۾ پير آف ڀرچونڊي مهر سردار سان پيدا ٿيل ڇڪتاڻ بعد ڪٺ گهرائي ورتو

news

ڏھرڪي (رپورٽ: امداد علي سومرو) گهوٽڪي جي مهر سردار ۽ پير آف ڀرچونڊي وچ ۾ پيدا ٿيل ڪشيدگي ۽ سردار علي گوهر خان مهر پاران مهر برادري جي چڱن مڙسن جو ڪٺ گهرائڻ بعد امڪاني ڇڪتاڻ کي منهن ڏيڻ لاءِ پير آف ڀرچونڊي پنهنجي مريدن ۽ خاص خليفن جو ڪٺ گهرائي ورتو، جنهن ۾ اهو واضح ڪيو ويو ته ڀرچونڊي پيرن خلاف ڪابه سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.

جنهن مختلف ذاتين سان تعلق رکندڙ سندس مريدن ۽ عقيدت مندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪٺ ۾ ڀرچونڊي پير ميان عبدالمالڪ عرف ميان مجن جي شادي بعد پيدا ٿيل ڇڪتاڻ تي غور ويچار ڪيو ويو.

ان موقعي تي درگاھہ ڀرچونڊي شريف جي گادي نشين پيرعبدالخالق ۽ مريدن جو چوڻ هو ته مهر پاڻ ۾ معاملو حل ڪن اسان کي ڪنھن بہ معاملي وچ ۾ نه آندو وڃي. ان کانسواءِ ڀرچونڊي پيرن خلاف ڪا به سازش ڪامياب ٿيڻ ڪو نہ ڏينداسين.