مدئجي ويجهو ڳوٺ اورنگ آباد ڀرسان خروس برادري جي گهرن تي پوليس چڙهائي، شڪ ۾ ٽي ڄڻا گرفتار

news

مدئجي (رپورٽ: ايوب بروهي) مدئجي ويجهو ڳوٺ اورنگ آباد ڀرسان خروس برادري جي گهرن تي ايس ايڇ او امروٽ جي اڳواڻي ۾ ڳاهيجا ۽ جمالپور سميت مختلف ٿاڻن جي پوليس اٽالن ڳوٺ تي چڙهائي ڪري گهرن جو سرچ آپريشن ڪيو.

پوليس گهر گهر تلاشي دوران خروس برادري جي پنجن ڄڻن مهمان طور آيل نصرالله خروس، عبدالغني خروس، حنيف تڙت، روشن تڙت جتوئي ۽ مجن جتوئي سميت پنجن ڄڻن کي کنڀي سخت تشدد بعد اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو ۽ گهرن ۾ بيٺل ٻه موٽرسائيڪلون ۽ ٻيو سامان پڻ کڻي وئي.

هوڏانهن گهر ۾ موجود عورت مسمات لعل خاتون احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اسان جو پنهنجي برادري جي ٻن ڌرين سان جهيڙو هلندڙ هو امروٽ پوليس ٻئي ڌر کان رشوت وٺي هڪ پيرسن ۽ ٻن مهمانن سميت پنجن ڄڻن کي کنڀي کڻي وئي آهي. هن ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪندي چيو ته گرفتار ٿيل بيگناهه آهن کين ازاد ڪيو وڃي.

هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي نئون امروٽ پوليس ٻڌايو ته  جوابدار راجو خروس مختلف ڪيسن ۾ گهربل آهي، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي آهي، هو هٿ نه اچي سگهيو، جتان شڪ جي بنياد تي 3 ڄڻا گرفتار ڪيا آهن، جن جو رڪارڊ چيڪ ڪري بيگناھن کي آزاد ڪيو ويندو.