مدئجي لڳ ڳوٺ جاگير شيخ جي رهواسين جو پنهنجي ئي برادري ۽ پوليس زيادتين خلاف احتجاج

news

مدئجي (رپورٽ: ايوب بروهي) مدئجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ جاگير شيخ جي رهواسين شيخ برادري جي عورتن ۽ مردن جو مدئجي پوليس ۽ برادري جي ماڻهن جي زيادتين خلاف گلشن شيخ، امام الدين شيخ، مسمات بچل، مسمات گلشن خاتون، امام بخش ۽ ٻين پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب  آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

جنهن دوران مظاهرين پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي، جنهن بعد شيخ برادري جي عورتن ۽ مردن مدئجي ٿاڻي اندر پڻ احتجاج ڪيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن دانهيندي چيو ته پنهنجي برادري جي ماڻهن غلام عباس ۽ احسان شيخ اسان جي گهرن ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪري عورتن مٿان تشدد ڪيو هو جنهن جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ باوجود پوليس کين گرفتار ڪري رشوت عيوض آزاد ڪري ڇڏيو آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته مدئجي پوليس بااثرن جي ونگار وهندي جوابدارن کي رشوت عيوض ڇڏيو ويو آهي, جنهن خلاف اسان مدئجي ٿاڻي جو گهيراءُ ڪري احتجاج ڪنداسين. هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کي اپيل ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ٻڌايو ته شيخ برادري جو پاڻ ۾ سڱاوتي مسئلو هلندڙ آهي، مسئلي هيٺ آيل عورت بيان ڏنو آهي ته مان وڃڻ نه پئي چاهيان، جنهن بعد ٻنهي ڌرين کي ٿاڻي تي طلب ڪيو آهي، جتي ڳالهيون ڪري مسئلو حل ڪيو ويندو.