ميهڙ لڳ انڊس هاءِ وي روڊ تان دعا هوٽل ڀرسان پيرسن جو لاش هٿ

news

ميهڙ (رپورٽ: جاويد سومرو) ميهڙ لڳ انڊس هاء وي روڊ تي دعا هوٽل ڀرسان لاوارث حالت ۾ پيرسن جو لاش پيو هو جنهن تي واٽ ويندي ماڻهن جي اطلاع تي ميهڙ ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي پيرسن جو لاش واقعي واري هنڌ تان کڻائي تعلقا اسپتال ميهڙ آندو.

جتي پيرسن جي لاش جي خبر اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي هلڻ کانپوءِ پيرسن جي وارث سندس ڀائيٽي ممتاز لاڙ اسپتال پهچي سندس راهب علي لاڙ  ڳوٺ گاجي کهاوڙ جي رهواسي طور ڪئي جنهن کان پوءِ ضروري ڪارروائي کانپوءِ سندس ڀائيٽيو لاش اسپتال مان ڳوٺ گاجي کهاوڙ کڻائي ويو.