مدئجي ۽ ڀرپاسي مسلسل برسات سبب مواصلاتي نظام درهم برهم، ڪيترن ئي گهرن جو ڇتيون ڊهي پيون

news

مدئجي (رپورٽ: ايوب بروهي) مدئجي شهر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ ٻارنهن ڪلاڪن تائين مسلسل تيز برسات جاري رهڻ سبب روڊن رستن تي برسات جو پاڻي تلائن جي صورت ۾ جمع ٿي ويو, برسات سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي, ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.

ٻئي طرف برسات سبب مدئجي ڀرسان وارهه پل وٽ ويٺل بروهي برادري جي گلاب بروهي جي گهر جي ڇت ڪري پئي جنهن سبب 8 کان مٿي گهرڀاتي دٻجي وياپاڙيوارن پهچي دٻجي ويل گهرڀاتين کي ٻاهر ڪڍي بچائي ورتو، گهرڀاتين مان هڪ ڄڻو گلاب بروهي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي تعلقي اسپتال مان فوري طبي امداد بعد لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ٻئي طرف ڳوٺ جندوديرو ۾ ڳوٺاڻي شير محمد شيخ جي مينهن جي واڙي جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي جنهن دوران واڙي مالڪ معجزاڻي طور بچي ويو ڇت ڪرڻ سبب 20 ڍور زخمي ٿي پيا، جن کي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد  پاڻ تحت ٻاهر ڪڍيو ڇت ڪرڻ سبب ڪيترن ئي ڍورن جون ڄنگهون پڻ ڀڄي پيون.

هوڏانهن برسات سبب روڊن تان ٽرئفڪ پڻ غائب ٿي وئي آهي ۽ مزدور طبقو سخت متاثر ٿيو آهي، تلائن جي صورت ۾ بيٺل برسات جي پاڻي ۾ ٻار وهنجندي نظر اچي رهيا آهن، جڏهن ته انتظاميا پاران برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪي به اپاءُ ناهن ورتا ويا.

ٻئي طرف شيخ محلي جي رهواسي برڪت شيخ جي گهر جي ڇت ۽ ڀتيون ڪري پيون گهرڀاتي ڀرواري گهر ۾ هجڻ سبب ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو جڏهن ته گهر ڪرڻ سبب گهر ۾ پيل لکين روپين جو سامان ڀڄي پيو، متاثرن پاران هتان جي چونڊيل نمائندن توڙي اختيار ڌڻين کان واهر جو مطالبو ڪيو آهي.

جڏهن ته برسات دوران شهر ۽ آسپاس جي سوين ڳوٺن جي بجلي ويهن ڪلاڪن کان بند هجڻ سبب برسات سٽيل ماڻهن جا اهنج ٻيڻا ڪري ڇڏيا.