ميهڙ ۾ ماتمي قافلو حيدري امام بارگاهه مان برآمد ٿيو

news

ميھڙ (رپورٽ: جاويد سومرو) ڪربلا جي شهيد امام حسين عليه السلام ۽ ان جي جانثارن جي ياد ۾ ماتمي قافلو حيدري امام بارگاهه مان محسن علي شيخ ۽ سيد منظور علي شاهه جي اڳواڻي ۾ برآمد ٿيو.

جتي سوين عزادارن پاران سينا ڪوبي ڪئي، جڏهن ته انجمن قلندري، انجمن حيدري، انجمن ڪاروان عباس عه، انجمن حسيني، سنڌ جي مشهور نوحه خوان زوار سيد شير محمد شاهه لڪياري، سيد شفقت شاهه، سيد عمران شاهه، سڪندر علي جوڻيجو ۽ ٻين نوحه خواني ڪئي.

ان موقعي تي ماتمي قافلو پنهنجي روايتي رستن کان ٿيندي واپس حيدري امام بارگاهه تي پهتو، جڏهن ته ڊي ايس پي ميهڙ عبدالخالق وڳڻ، ايس ايڇ او شفيع محمد گولو، وڏو منشي وڏو منشي بشير احمد لاکير ۽ ون فائيو انچارج منظور منگي جي نگراني ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا، جڏهن ته  پوليس سان گڏ مختار فورس وارن حفاظتي انتظام سنڀاليا ۽ جلوس طرف هر ايندڙ ويندڙ ماڻھو جي سخت تلاشي وٺي پوءِ کين قافلي طرف ڇڏيو ويو. جڏهن ته عزاداري جي اختتام تي عزادارن ۾ نياز تقسيم ڪيو ويو.