سوات ۽ ڪوهستان ۾ سيلاب تباهي مچائي ڇڏي، سترنهن ماڻهو اجل جو شڪار

news

سوات: سوات ۽ ڪوهستان ۾ سيلاب تباهي مچائي ڇڏي آهي، 17 ماڻهو وهڪري ۾ لڙهي ويا جنهن مان 9 ماڻهن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن.

سوات جي ڊپٽي ڪمشنر ثاقب رضا اسلم موجب مدين ۾ شاهه گرام ۽ تيرات نالي ۾  ڪيترائي گهر لڙهي ويا.

هن جو چوڻ آهي ته نالن ۾ تيز وهڪرو هجڻ ڪري 40 گهر ۽ پُلن سميت ٻيو ڪافي نقصان ٿيو آهي.

ڊي سي سوات 17 ماڻهو وهڪرن ۾ لڙهي وڃڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته 6 ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن جڏهن ته 11 ڄڻ جي ڳولا ۽ علائقي ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن.

ڪوهستان کان ڪجهه پرڀرو لانچي نالي ۾ وڏي درجي جي سيلاب تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ سيلاب ۾ هڪ ئي خاندان جا ست ماڻهو لڙهي ويا آهن.

ڪوهستان جي پوليس موجب عورتن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن جڏهن ته ٻارن سميت باقي 4 ڄڻا اڃان تائين گم آهن