اڏيرولال: ڳوٺ بائون خان ۾ برساتي پاڻي گهرن اندر بيٺل،رهواسي پريشان، تدارڪ جو مطالبو

news

اڏيرولال اسٽيشن(رپورٽ:حافظ امتياز علي چنا) آواز حق اتحاد ضلع مٽياري جي اڳواڻ پير علي شير سرهنديي، لائق فقير ۽  ٻين يوسي بائو خان پٽاڻ جو دورو ڪيو، پاڻي ۾ پڦاٿل ڳوٺاڻن سان يڪهجتي جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي هنن چيو ته بائون خان جي رهواسين سموري زندگي جن کي ووٺ ڏنا انهن نظرانداز ڪرڻ جي انتها ڪري ڇڏي آهي،  معصوم ٻار، نياڻيون، بزرگ، عورتون ، نمازي ماڻهو  سب گذريل ڪيترن کي ڏينهن کان ڳوٺن ۽ رستن ۽ گهٽين ۾ پاڻي بيهڻ سبب قيدي بڻيل آهن  پر ضلعي انتظاميه فقط مٽياري جي بس اسٽاپ تي فوٽو سيشن ڪرائي وزيرن ۽ عوام کي بيوقوب بڻائي رهيا آهن پر تعلقي مٽياري جي يوسي بائوخان پٺاڻ جي رهواسين جي ڪير سار لهڻ لاءِ تيار ناهي انهن جا گهر ڊهي پٽ ٿي پيا آهن ۽ اهي لڏپلاڻ تي مجبور ٿي پيا آهن.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن زوهيب ٻرڙو، راڻو خاصخيلي، سبحان خاصخيلي  ۽ ٻين صحافين کي ڌانهيندي ٻڌايو ته  اسان جي گهرن ۾ برسات جو پاڻي داخل ٿي ويو آهي، روڊ رستا سب پاڻي هيٺ آهن، پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب گندگي جو آزار به وڌي ويو آهي جنهن سبب موذي مرض ۾ معصوم ٻارڙا، عورتون ۽ نوجوان وڪوڙجي ويا آهن.

 هنن چيو ته اسان جي دانهن ۽ ڪوڪ ڪوبه ٻڌڻ لاٰ تيار ناهي جڏهن ته چونڊيل نمائنده اگهور ننڍ ستل آهن، انهن چيو ته جس لهڻن آواز حق اتحاد ضلع مٽياري جا اڳواڻ جن اسان جي ڳوٺ بائوخان پهچي اسان جي سار لڌي، هنن چيو ته اسان وس وارن کان مطالبو ٿا ڪيون ته  هن معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي گهرن مان برسات جو پاڻي جلد نيڪال ڪرائي ڏنو وڃي.