آمريڪا ۾ سامونڊي طوفان(لارا) تباهي مچائي ڇڏي، ڇهه ڄڻا فوت

news

نيويارڪ: (ڇنڇر 29 آگسٽ 2020ع) آمريڪا ۾ سامونڊي طوفان(لارا) وڏي پيماني تي تباهي مچائي ڇڏي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي ۽ هزارين بي گهر ٿي ويا.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب سامونڊي طوفان(لارا) آمريڪا جي رياست لوئيزيانا جي سامونڊي علائقي سان ٽڪرائجي ويو. 220 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندڙ هوائن پنهنجي رستي ۾ ايندڙ هر شيءَ کي تباهه ڪري ڇڏيو. طوفان سبب ڪيترائي وڻ، هورڊنگز ۽ ٿنڀا ڪري پيا.

هڪ ڪار تي وڏو  ۽ ڳرو وڻ ڪرڻ سبب 14 ساله ڇوڪري سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته ٻين مختلف هنڌن تان 2 لاش مليا آهن ٻن درجن کان وڌيڪ زخمين کي اسپتال آندو ويو آهي جڏهن ته هزارين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن.

لوئيزيانا کان پوءِ سامونڊي طوفان لارا جو رخ هاڻ رياست آرڪنساس طرف آهي پر ان جي شدت گهٽ ٿيڻ سبب اتي نقصان جو انديشو گهٽ آهي جڏهن ته لوئيزيانا ۾ لارا طوفان سبب نقصانن ۾ واڌ جو امڪان لاڳيتو برقرار آهي.