مريم نواز جو پهرين سيپٽمبر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو

news

لاهور: مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز پهرين سيپٽمبر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب مريم نواز ايون فيلڊ اپارٽمينٽس ڪيس ۾ سزا جي خلاف اپيل داخل ڪري رکي آهي.

جاتي امرا کان اسلام آباد راونگي تي مريم نواز موٽروي جي وڊيو ٽوئٽر تي شيئر ڪندي لکيو آهي ته عوام نواز شريف سان پهرين کان وڌيڪ محبت ڪري ٿو.

مريم نواز چيو ته عوام نواز شريف کي وطن واپس ايندي ڏسڻ چاهي ٿو.