ڀارت ۽ چين ۾ وري سرحدي ڇڪتاڻ شروع

news

نئين دهلي: ڀارت ۽ چين ۾ سرحدي تڪرار وري ٻيهر ڪر کڻي رهيو آهي.

لداخ جي علائقي گلوان ۾ 15 جون تي ڀارت ۽ چين جي فوجين وچ ۾ ٿيل جهڙپن سبب ڀارتي فوج جي آفيسر سميت 20 فوجي مارجي ويا هئا.

گذريل ٽن مهينن کان ٻنهي ملڪن جي فوجن وچ ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن پر معاملو پنهنجي جاءِ تي ئي موجود آهي.

هاڻ ڀارت طرفان چين جي پيپلز لبريشن آرمي تي لائن آف ايڪچوئل ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي جو الزامن هنيو آهي جنهن ڪري ٻنهي ملڪن وچ ۾ سرحدي ڇڪتاڻ وري ڪر کڻڻ لڳي آهي.

ڀارتي فوج الزام هنيو آهي ته پي ايل اي 29 ۽ 30 آگسٽ جي رات ايل او سي تي چڙ ڏياريندڙ چرپر ڪئي جنهن کي روڪيو ويو.

ڀارتي فوج جو چوڻ آهي ته صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ بريگيڊ ڪمانڊ سطح تي فليگ ميٽنگ چوشول تي ٿي رهي آهي.