ميهڙ ۾ عزادارن جو قافلو حيدري امام بارگاهه مان برآمد، ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش

news

ميھڙ(رپورٽ:جاويد سومرو) حيدري امام بارگاهه ۽ مرڪزي امام بارگاهه ميھڙ مان عزاداري جو قافلو سيد منظور علي شاهه جي اڳواڻي ۾ برآمد ڪيو، عزاداري جي قافلي ۾ سنڌ جي مشهور نوحه خوان سيد شير محمد شاهه لڪياري، سڪندر جوڻيجو، شفقت شاهه، عمران شاهه، خميسو جوڳي، ڪي بي کوسو ۽ ٻين نوحه خواني ڪئي.

 پوليس پاران ڊي ايس پي ميھڙ، ايس ايڇ او ميھڙ  جي اڳواڻي ۾ حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا جڏھن ته ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر فرخ ملڪ، پ پ ايم پي اي فياض علي ٻٽ پاران ماتمي جلوس جو معائنو ڪيو ويو ۽ شيعه اڳواڻن سان ملاقات ڪئي.

 ٻئي طرف ميھڙ شهر جي مختلف روڊ رستن تي پاڻي جون سبيلون، ننگر نياز جون ڪئمپون  لڳايون ويون، مجلس عزا کي زوار ذاڪر ارشد حسين ڳاهيجو، مولانا غلام مرتضي بوترابي گهنٽه گهر چوڪ تي خطاب ڪيو جڏھن ته شهر جي مختلف روڊ رستن تي سبيلن ۽ نياز جون ڪئمپون لڳايون ويون.

 عزادارن جو قافلو شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندو مرڪزي امام بارگاهه تي پڄاڻي تي پهتو.